Share this link via
Personality Websites!
وضاحت: مان عشق جو بيمار آهيان، منهنجي بيماريءَ جو علاج حڪيمن يا ڊاڪٽرن وٽ ناهي. يا رسول الله صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم منهنجو علاج صرف اوهان جي سهڻي سهڻي صورت جو ديدار آهي.
حضرت بلال رَضِیَ اللہُ عنہ شام ملڪ ۾ آھن، يادِ مصطفيٰ ھتي به تڙپائي رهي آهي، ھجر ۽ فراق سان سينو ھتي به جلي رھيو آھي۔ الله! الله! ڏينھن ڪيئن گذرندا ھوندا، راتيون ڪيئن بسَر ٿينديون ھونديون...؟
وہ آ رہے ہیں، وہ آتے ہیں، آرہے ہوں گے شَبِ فراق یہ کہہ کر گزار دی ہم نے
پھريان جڏھن رات جو سمهندا ھئا ته کين ھڪ آس ھوندي ھئي، ھڪ اميد ھوندي ھئي ته صبح جو اٿڻو آھي، مسجدِ نبوي شريف ۾ حاضر ٿيڻو آھي، آذان ڏيڻي آھي، پوءِ محبوب آقا، پيارا مصطفيٰ صَلَّی اللہُ عَلَیْہِ وَ آلِہٖ وَ سَلَّم تشريف کڻي ايندا، ديدار جا جام پيئڻ جي لاءِ ملندا، افسوس! ھاڻي ته اِها آس به ختم ٿي وئي، پھريان جڏھن به دل چوندي ھئي، خدمت ۾ حاضر ٿي لذتِ ديدار سان سينو ٿڌو ڪري ڇڏيندا ھئا، پر ھاءِ افسوس! ھاڻي وڃن ته ڪيڏانهن وڃن، ھاڻي محبوب کي ڪٿي تلاش ڪن ...؟
کبھی بیمارِ محبت بھی ہوئے ہیں اچھے روز اَفْزُوں ہے مرض، کام دوا نے نہ دیا
حضرت بلال رَضِیَ اللہُ عنہ فراقِ رسول ۾ زندگي گذاري رھيا آھن، ھاڻي بس ھڪ ئي صورت باقي آھي، ڏک درد مٽائڻ وارا آقا، ٻنهي جَهانن جا داتا صَلَّی اللہُ عَلَیْہِ وَ آلِہٖ وَ سَلَّم گھٽ ۾ گھٽ خواب ۾ ئي تشريف فرما ٿين، ڀلا ائين ئي پنهنجو جلوو ڏيکارين.....
BOOK TOPIC
©Copyright 2026 by I.T. Department of Dawat-e-Islami