Share this link via
Personality Websites!
مجسم صَلَّی اللہُ عَلَیْہِ وَ آلِہٖ وَ سَلَّم جي خدمت ۾ رھندا ھئا، ھاڻي جڏھن محبوب آقا، پياري مصطفيٰ صَلَّی اللہُ عَلَیْہِ وَ آلِہٖ وَ سَلَّم دنيا مان ظاهري طور پردو فرمايو ته حضرت بلال رَضِیَ اللہُ عنہ جي لاءِ جيئڻ محال ٿي ويو * اُھي گھٽيون جتان حضور صَلَّی اللہُ عَلَیْہِ وَ آلِہٖ وَ سَلَّم گذرندا ھئا * اُنھن گھٽين مان گذرندي حضرت بلال رَضِیَ اللہُ عنہ جو جِيءُ جهُرِي پوندو ھو * جڏھن حضور صَلَّی اللہُ عَلَیْہِ وَ آلِہٖ وَ سَلَّم مسڪرائيندا ھئا ته مديني پاڪ جي درن ۽ ديوارن تي نور جا ڪرڻا پوندا هئا، ھاڻي انھن ديوارن کي ڏسي حضرت بلال رَضِیَ اللہُ عنہ کي محبوب آقا صَلَّی اللہُ عَلَیْہِ وَ آلِہٖ وَ سَلَّم جي ياد ستائيندي ھئي۔
گَلِیَاں سُنْجِیَاں دِسَّن مَیْنُوْں، وَیْڑا کَھَاوَن آوِے
غُلَامْ فَرِیْدَا! اُوْتِّھے کِی وَسْنا جِتِّھے مَاہِی نَظَر نَہ آوِے
وضاحت: گھٽيون ويران لڳي رهيون آھن، گھر کائڻ لاءِ اچي رهيو آھي يعني گھر ۾ به دل نه ٿي لڳي، اي غلام فريد! اُتي ڪهڙو جيئڻ جتي محبوب ئي نظر نه اچي.
ھاڻي مديني پاڪ جي انھن گھٽين ۾ زندگي گذارڻ دشوار ھو، تنھنڪري حضرت بلال رَضِیَ اللہُ عنہ شام ملڪ ڏانهن تشريف کڻي ويا پر افسوس! حضورِ اقدس صَلَّی اللہُ عَلَیْہِ وَ آلِہٖ وَ سَلَّم ته ھتي به نه آھن، ديدارِ حبيب جا جام ته ھتي به نه ٿا ملن، يادِ مصطفيٰ ته ھتي به تڙپائي رهي آهي.
حَکِیْمَاں طَبِیْبَاں دِے وَسْ دِی اِے گَلْ نَئَیں مِرِے رَوْگ دَا ہَوْر کِدھرے وِی حَل نَئَیں
تُوں آجَا وِکھا جا اَو صُورت پیاری
BOOK TOPIC
©Copyright 2026 by I.T. Department of Dawat-e-Islami