Share this link via
Personality Websites!
آھي؟ الله پاڪ کان ڊڄڻ، گناھن کان بچڻ، نيڪين ۾ زندگي گذارڻ۔ اِها تقويٰ آھي۔ علماءِ ڪرام تقويٰ جي جيڪا وضاحت ۽ تشريح لکي آھي، ان جو خلاصو اِهو ئي آهي. تنھنڪري اسان کي گھرجي ته اسان الله پاڪ کان ڊڄڻ وارا بڻجي وڃون، گناھن کان بچڻ وارا بڻجي وڃون۔ حضرت ابو سعيد خدري رَضِیَ اللہُ عنہ کان روايت آھي، رسولِ اڪرم، نورِ مجسم صَلَّی اللہُ عَلَیْہِ وَ آلِہٖ وَ سَلَّم ھڪ صحابي رَضِیَ اللہُ عنہ کي نصيحت ڪندي فرمايو: عَلَیْکَ بِتَقْوَی اللّٰہِ فَاِنَّہُ جِمَاعُ کُلِّ خَیْرٍ يعني توھان تي تقويٰ لازم آھي، ڇو ته بيشڪ تقويٰ سڀني ڀلاين جو مجموعو آھي. ([1])
دے حُسْنِ اَخْلاق کی دولت کر دے عطا اِخْلاص کی نعمت
مجھ کو خزانہ دے تَقویٰ کا یااللہ! مری جھولی بھر دے([2])
حضرت بلال رَضِیَ اللہُ عنہ جي هڪ ايمان افروز آذان
پيارا اسلامي ڀائرو! حضرت بلال رَضِیَ اللہُ عنہ جي سيرت پاڪ ۾ ھڪ تمام ايمان افروز آذان جو به ذڪر ملي ٿو۔ اُن آذان جو ذڪرِ خير ٻڌو ۽ ايمان تازو ڪريو! روايت آھي ته: جڏھن الله پاڪ جي آخري نبي، رسولِ ھاشمي صَلَّی اللہُ عَلَیْہِ وَ آلِہٖ وَ سَلَّم دنيا مان ظاهري طور پردو فرمائي ويا، صحابهءِ ڪِرام رَضِیَ اللہُ عنہم تي ڄڻ ته قيامت ٽُٽِي پئي، صحابهءِ ڪِرام رَضِیَ اللہُ عنہم غم جي سبب بيحال ٿي چڪا ھئا، حضرت بلال رَضِیَ اللہُ عنہ کي به وصالِ مصطفيٰ جو تمام گهڻو صدمو ٿيو.
حضرت بلال رَضِیَ اللہُ عنہ ته هُونئن ئي مؤذِن رسول آھن، مؤذِن ۽ امام جو پاڻ ۾ الڳ ئي قسم جو تعلق ھوندو آھي، حضرت بلال رَضِیَ اللہُ عنہ رسولِ اڪرم، نورِ
BOOK TOPIC
©Copyright 2026 by I.T. Department of Dawat-e-Islami