Share this link via
Personality Websites!
ڇت تان پوري مڪي ۾ گونجندي ٻڌو ته چيائين:
لَعَمْرِي رَفَعَ لَك ذِكْرَك
منھنجي جان جو قسم ...!! اي محمد صَلَّی اللہُ عَلَیْہِ وَ آلِہٖ وَ سَلَّم! توھان جو ذڪر توھان جي لاءِ بلند ڪيو ويو آھي.[1]
وُہی دُھوم اُن کی ہے ماشآءَ اللہ
مِٹ گئے آپ مِٹانے والے
ھڪ وضاحت ٻڌي ڇڏيو! لَعَمْرِي (يعني منھنجي جان جو قسم) عرب جو محاورو ھو، هي ماڻھو عام طور تي ائين ئي ڳالھائيندا ھئا۔ حضرت جويريه جيئن ته ان وقت تائين مسلمان نه ھيون، تنھنڪري کين مسئلو معلوم نه ھو، نه ته الله پاڪ کان سواءِ ٻئي ڪنھن جو به قسم کڻڻ جائز نه آھي، مثال طور * مون کي منھنجن ٻارن جو قسم * ماءُ جو قسم * منھنجي سِرَ جو قسم * تنھنجي سِرَ جو قسم! ھي سڀئي انداز ناجائز آھن.[2]
پيارا اسلامي ڀائرو! توھان ٿورو تصور ڪريو! اُهو ڪيڏو نه حَسِين، ڪيڏو نه پيارو ۽ نرالو منظر ھوندو، مڪي جي وادي آھي، محبوبِ ذيشان، مڪي مدني سلطان صَلَّی اللہُ عَلَیْہِ وَ آلِہٖ وَ سَلَّم آن بان شان سان ڪعبي شريف جي روبرو موجود آھن، مڪي جا سڀئي سردار ڪنڌ جھڪائي بيٺا آھن ۽ حضرت بلال رَضِیَ اللہُ عنہ ڪعبي جي ڇت تي بيٺا آھن.
BOOK TOPIC
©Copyright 2026 by I.T. Department of Dawat-e-Islami