Share this link via
Personality Websites!
برڪت ھئي جو منھنجي دل ۾ جيڪا اسلام ۽ مسلمانن جي خلاف نفرت ھئي، سا اُن ئي وقت ختم ٿي وئي ۽ مان ڪلمو پڙھي مسلمان ٿي ويس۔ فرمائن ٿا: ڪلمو پڙھڻ کان پوءِ مون عرض ڪيو: يا رسول الله صَلَّی اللہُ عَلَیْہِ وَ آلِہٖ وَ سَلَّم مون کي مڪي جو مؤذِن مقرر فرمائي ڇڏيو! پاڻ صَلَّی اللہُ عَلَیْہِ وَ آلِہٖ وَ سَلَّم منھنجي درخواست قبول فرمائي ۽ مون کي حرم مڪي جو مؤذِن بڻائي ڇڏيائون.[1]
سُبْحٰنَ اللہ! پيارا اسلامي ڀائرو! چوندا آهن ته چڱن جي نقالي به چڱي هوندي آھي۔ حضرت ابو مَحۡذورہ رَضِیَ اللہُ عنہ کي اُن ئي نقاليءَ جو فيضان ملي ويو۔ انهن جيتوڻيڪ دلي نفرت جي ڪري نقالي ڪئي ھئي پر نقل ته محبوبِ خدا ۽ محبوبِ مصطفيٰ حضرت بلال رَضِیَ اللہُ عنہ جو ڪري رھيا ھئا، بس انهي نقاليءَ پياري آقا صَلَّی اللہُ عَلَیْہِ وَ آلِہٖ وَ سَلَّم جي توجھه مبارڪ کي انهن ڏانهن متوجهه ڪيو. پوءِ ڪهڙيون ڪهڙيون برڪتون مليون...! سُبْحٰنَ اللہ! پياري محبوب صَلَّی اللہُ عَلَیْہِ وَ آلِہٖ وَ سَلَّم جون شفقتون به نصيب ٿيون، ھٿ مبارڪ جون برڪتون به مليون، ايمان به مليو ۽ حرمِ مڪه جو مؤذِن بڻجڻ جي سعادت به نصيب ٿي وئي.
پيارا اسلامي ڀائرو! حضرت بلال رَضِیَ اللہُ عنہ جي آذانن جو به نرالو شان آھي۔ پاڻ رَضِىَ اللهُ عَنْهُ ھڪ اھڙي آذان به پڙھي آھي جو اھڙي آذان پڙھڻ جو شرف انهن کان سواءِ ٻيو ڪنھن کي به نه مليو آهي. روايتن ۾ آھي: مڪي جي فتح جو موقعو ھو، اُھو شھر (City) جتان پيارا آقا، مڪي مدني مصطفيٰ صَلَّی اللہُ عَلَیْہِ وَ آلِہٖ وَسَلَّم ھجرت ڪري تشريف وٺي ويا ھئا، اُھي گھٽيون جن ۾ پاڻ ڪريم صَلَّی اللہُ عَلَیْہِ وَ آلِہٖ
BOOK TOPIC
©Copyright 2026 by I.T. Department of Dawat-e-Islami