Share this link via
Personality Websites!
حضرت ابو محذورہ رَضِیَ اللہُ عنہ فرمائن ٿا: اسان ننڍا ٻار ڀرسان ئي ھڪ جاءِ تان گذري رھيا ھئاسين، تنهنڪري جڏھن مون بلال جي آذان جو آواز ٻڌو ته (جيئن ته غير مسلم گھراڻي ۾ پرورش پاتي ھئي) مذاق اُڏائڻ جي نيت سان بلال جي آذان جي نقالي ڪرڻ شروع ڪري ڏني.
پياري آقا، مڪي مدني مصطفيٰ صَلَّی اللہُ عَلَیْہِ وَ آلِہٖ وَ سَلَّم منھنجو آواز ٻڌو ته مون کي پنھنجي خدمت ۾ گهرائي ورتائون. (ھاڻي حضرت ابو محذورہ ڊڄي رھيا ھئا ته نه ڄاڻ ڪھڙي سزا ملندي) پر
ڈر تھا کہ عصیاں کی سزا، اب ہو گی یا روزِ جزاء
دِی اُن کی رحمت نے صدا، یہ بھی نہیں، وہ بھی نہیں
جناب ابو محذورہ فرمائن ٿا: پياري آقا صَلَّی اللہُ عَلَیْہِ وَ آلِہٖ وَ سَلَّم مون کي پنھنجي ويجھو ڪيو ۽ فرمايو:
قُمْ فَاَذِّنْ
ترجمو: اُٿي بيهي آذان پڙھه...!!
فرمائن ٿا ته منھنجي دل ته نه پئي چاھيو پر مان اُٿي بيٺس ۽ آذان چوڻ شروع ڪئي، وچ ۾ جتي جتي لفظ وِسري رھيا ھئا، پاڻ صَلَّی اللہُ عَلَیْہِ وَ آلِہٖ وَ سَلَّم مون کي ٻڌائي رھيا ھئا۔ جڏھن مون آذان مڪمل ڪري ورتي ته پاڻ ڪريم صَلَّی اللہُ عَلَیْہِ وَ آلِہٖ وَ سَلَّم مون کي انعام ۾ سون سان ڀريل هڪ ٿيلهي عطا فرمائي ۽ منھنجي پيشانيءَ تي ھٿ رکي چھري تان ڦيرائيندا سيني تائين کڻي آيا.
سُبْحٰنَ اللہ! ھيءَ مصطفيٰ جان رحمت صَلَّی اللہُ عَلَیْہِ وَ آلِہٖ وَ سَلَّم جي معجزن وارن ھٿن جي
BOOK TOPIC
©Copyright 2026 by I.T. Department of Dawat-e-Islami