Share this link via
Personality Websites!
پنهنجا شهزادا به قربان ڪيا * پنهنجن ڀائرن جي رت ۾ ڳاڙها لاشَ به هٿن سان کڻي آيا * پنهنجن جان نثارن جون قربانيون به ڏٺيون * حضرت عباس رَضِيَ اللهُ عنه جون ڪٽيل ٻانهون به ملاحظه فرمايون * مطلب ته اهو ڪهڙو ڏک هو، اهو ڪهڙو غم هو جيڪو ڪربلا جي ميدان ۾ امامِ عالي مقام رَضِيَ اللهُ عنه جي دل تان نه گذريو هوندو؟ سڀ ظلم برداشت ڪيا، سڀ ڏک دل تي سٺا، سوال هي آهي ته هي سڀ ڪجهه آخر ڇو ڪيو پئي ويو؟ امامِ عالي مقام رَضِيَ اللهُ عنه جيڪڏهن يزيد جي ڳالهه مڃي وٺن ها ته دولت به ملي ها، ظاهري طور عزت به ملي ها، سڀ ڪجهه هجي ها، ان جي باوجود پاڻ دنيا کي ٿُڏو هڻي قربانين کي قبول فرمايو، آخر ان سڀ جي پويان امامِ عالي مقام رَضِىَ اللهُ عَنْهُ جي سوچ ڪهڙي هئي، ذهن ڪهڙو هو؟ يزيد جي خلاف سندن موقف ڪهڙو هو؟ هي موقف اڄ سمجهڻ جي ضرورت آهي.
اسان بيان جي شروعات ۾ سيپارو: 6، سوره مائده جي آيت: 50 ٻڌڻ جي سعادت حاصل ڪئي، هن آيتِ ڪريمه جي روشني ۾ امامِ عالي مقام رَضِيَ اللهُ عنه جو موقف صاف واضح ٿئي ٿو، پاڻ رَضِيَ اللهُ عنه مڪي کان هلڻ کان وٺي ميدانِ ڪربلا ۾ 10 محرم جي صبح تائين جيڪي خطبا ڏيندا رهيا، جيڪو ڪجهه ارشاد فرمائيندا رهيا، اهو سڀ هن آيتِ ڪريمه جي ڄڻ ته وضاحت هئي، آيت ڪهڙي آهي؟ ٻڌو! پوءِ هن آيت جي روشني ۾ اسان امامِ عالي مقام رَضِيَ اللهُ عنه جو موقف سمجهڻ جي ڪوشش ڪنداسين. الله پاڪ ارشاد فرمائي ٿو:
اَفَحُكْمَ الْجَاهِلِیَّةِ یَبْغُوْنَؕ-
BOOK TOPIC
©Copyright 2026 by I.T. Department of Dawat-e-Islami