Share this link via
Personality Websites!
زمين ۽ آسمان رنا، رت جو مينهن وسيو
علامه ابنِ حجر مڪي رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه ذڪر ڪن ٿا: جڏهن حضرت امام حسين رَضِيَ اللهُ عنه شهيد ڪيا ويا ته سج کي گرهڻ لڳو، آسمان ڳاڙهو ٿي ويو، 3 ڏينهن تائين دنيا تي اونداهي ڇانيل رهي، ايستائين جو ڏينهن جو تارا نظر اچڻ لڳا، ڪيترن ئي ڏينهن تائين آسمان مان رت وسندو رهيو، ان جي اثر سان ڀِتيون ۽ عمارتون رنگجي ويون، جيڪو ڪپڙو ان سان رنگيو ويو، ان جي ڳاڙهاڻ ٽڪرا ٽڪرا ٿيڻ تائين ختم نه ٿي، شام ۾ جيڪو پٿر ان ڏينهن کنيو ويندو هو، ان جي هيٺان تازو رت نڪرندو هو، هي منظر ڏسي ماڻهن کي گمان ٿيو ته شايد قيامت قائم ٿي وئي آهي. [1]
ہزاروں میں بہَتَّر(72) تَن تھے تسلیم و رضا والے حقیقت میں خُدا ان کا تھا اور یہ تھے خدا والے
کسی نے جب وطن پوچھا تو حضرت نے یہ فرمایا: مدینے والے کہلاتے تھے، اب ہیں کربلا والے
حسین ابنِ علی کی کیا مدد کر سکتا تھا کوئی یہ خود مشکل کُشا تھے اور تھے مشکل کشا والے
دوائے دَرْدِ عصیاں پنج تن کے در سے ملتی ہے زمانے میں یہی مشہور ہیں دارُالشفا والے
پيارا اسلامي ڀائرو! * ڪربلا هڪ حقيقت آهي * هڪ دردناڪ سانحو آهي ** صبر * استقامت * برداشت * جان نثاري * رضاءِ موليٰ تي راضي رهڻ ۽ * حق تي ثابت قدمي جي زبردست داستان آهي. عارفِ کڙي شريف ميان محمد بخش رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه لکن ٿا:
BOOK TOPIC
©Copyright 2026 by I.T. Department of Dawat-e-Islami