Share this link via
Personality Websites!
دشمني ۾ مڪي جي به بي حرمتي ڪندو. تنهنڪري مونکي وڃڻو ئي پوندو. ان کان پوءِ اهي ٻئي دير تائين آهستي آهستي ڳالهيون ڪندا رهيا، ايستائين جو ظهر جو وقت ويجهو اچي ويو. ان کان پوءِ امامِ عالي مقام طواف ڪيو، صفا ۽ مروه جي سعي فرمائي، وار ڪٽرايا، عمرو مڪمل فرمايو، پوءِ ڪوفي جو سفر شروع ڪري ڏنائون. [1]
مان خدا جي فيصلي تي راضي آهيان
روايتن ۾ آهي: فَرۡزَدَق جيڪو عرب جو مشهور شاعر هو، رستي ۾ ان جي امامِ عالي مقام سان ملاقات ٿي، امامِ عالي مقام رَضِيَ اللهُ عنه پڇيو: ڪوفي ۾ ماڻهن جي ڪهڙي صورتحال آهي؟ فرزدق چيو: ماڻهن جون دليون توهان سان گڏ آهن پر تلوارون يزيد سان گڏ آهن، آسمان مان فيصلا لهي چڪا آهن، ٿيندو اهو ئي، جيڪو الله پاڪ چاهيندو.
هي ٻڌي امامِ عالي مقام امام حسين رَضِيَ اللهُ عنه فرمايو: فرزدق! تو سچ چيو، حڪم پهريان به الله پاڪ جو ئي هو، بعد ۾ به الله پاڪ جو ئي هوندو. جيڪو خدا چاهيندو آهي، اهو ئي ٿيندو آهي، هر ڏينهن اسان جي رب جا نوان شانَ آهن. جيڪڏهن خدا جو فيصلو اهو آهي جيڪو اسان چاهيون ٿا، تڏهن اسان ان جي نعمت تي ان جي حمد ڪريون ٿا، اهو ئي شڪر جي توفيق بخشي ٿو ۽ جيڪڏهن الله پاڪ جو فيصلو ڪجهه ٻيو آهي، تڏهن به جنهن جي نيت سچي هجي، جيڪو حق جو پيروڪار هجي، جيڪو (صرف ماڻهن جي سامهون ئي نه پر) اڪيلائي ۾ به تقويٰ اختيار ڪرڻ وارو هجي، اهو سرڪشي ناهي ڪندو (الله پاڪ جي فيصلن تي سر
BOOK TOPIC
©Copyright 2026 by I.T. Department of Dawat-e-Islami