Share this link via
Personality Websites!
بيان کي پڄاڻي طرف آڻيندي هڪ شرعي مسئلو عرض ڪريان ٿو:
(درست شرعي مسئلو ۽ عوام ۾ پاتي ويندڙ غلط فهمي جي نشاندهي)
مسئلو: مسجد ۾ پِنڻ حرام آهي ۽ پنڻ واري کي ڏيڻ گناهه آهي.
وضاحت: اڄڪلهه هي ڳالهه عام ٿيندي پئي وڃي، پيشه آور فقيرن جي گهڻائي آهي، عام طور نمازِ باجماعت کان فوراً پوءِ بيهي ويندا آهن، وڏي وڏي آواز سان گهرڻ ۽ روئڻ شروع ڪري ڏيندا آهن، ان سان نمازين کي به تڪليف ٿيندي آهي ۽ جن جون باقي رڪعتون رهيل هجن، اهي به مشڪل ۾ اچي سگهن ٿا. ياد رکي وٺو! ڪو حقدار هجي يا نه هجي، ڪنهن کي به مسجد ۾ پنهنجي ذات لاءِ گهرڻ جائز ناهي، حرام ۽ گناهه آهي ۽ اهڙن کي مسجد ۾ ڏيڻ به مڪروه ۽ ناجائز آهي.[1] حديثِ پاڪ ۾ آهي: جيڪو مسجد ۾ پنهنجي وڃايل شيءِ ڳولي ٿو (مثلاً ان لاءِ اعلان ڪري ٿو)، ان کي چئو: خدا ڪري توکي تنهنجي شيءِ نه ملي ته مسجدون هن ڪم لاءِ ناهن بڻايون ويون.[2] غور فرمايو! جڏهن مسجد ۾ پنهنجي ئي وڃايل شيءِ جو اعلان ڪرڻ منع آهي ته ٻين کان گهرڻ ڪيئن درست هوندو؟ مسجدون پنڻ لاءِ نه الله پاڪ جي عبادت لاءِ بڻايون ويون آهن. هي گهرڻ وارا ماڻهن جي سامهون هٿ ڦهلائڻ جي بجائي، جنهن کي سجدو ڪيو، ان ئي ربِ رحمان کان گهرن ته اِنْ شَآءَ اللہُ الْکَرِیْم! جهولي ڀرجي ويندي.
BOOK TOPIC
©Copyright 2026 by I.T. Department of Dawat-e-Islami