Share this link via
Personality Websites!
بگهڙ ئي سندن ٻڪرين جي حفاظت ڪري رهيا هئا. وڏي حيرت ٿي، الله پاڪ انهن جي طرف وحي ڪئي، فرمايو: کُنْ لِیْ کَمَا اُرِیْدُ اَکُنْ لَکَ کَمَا تُرِیْدُ يعني اي موسيٰ! اهڙا ٿي وڃو! جهڙو مان چاهيان ٿو، مان تنهنجي لاءِ اهڙو معاملو فرمائيندس، جيڪو تون چاهيندين. [1]
سبحان اللہ! ڏسو! اڄ اسان پريشانين جو شڪار آهيون، ڏکايل آهيون، مشڪلاتن ۾ ڦاٿل آهيون، ان سڀ جو حل ڇا آهي؟ اهڙا ٿي وڃون جهڙي الله پاڪ جي رضا آهي ۽ الله پاڪ جي رضا ڪنهن ۾ آهي؟ ان ۾ ته اسان قرآنِ ڪريم جي مطابق زندگي گذاريون. تنهنڪري شريعت کي، سنت کي، قرآني تعليمات کي پنهنجو پيشوا بڻائي وٺو! اِنْ شَآءَ اللہُ الْکَرِیْم! زندگي آسان به ٿي ويندي، ڪامياب به ٿي ويندي.
حضرت عبداللہ بن مسعود رَضِيَ اللهُ عنه فرمائن ٿا: اِنَّ الْقُرْآنَ شَافِعٌ وَمُشَفَّع قرآنِ ڪريم شفاعت ڪرڻ وارو آهي ۽ ان جي شفاعت قبول به ڪئي ويندي فَمَنْ جَعَلَہٗ اِمَامَہٗ قَادَہٗ اِلَی الْجَنَّۃِ جيڪو قرآنِ ڪريم کي پنهنجو امام ۽ پيشوا بڻائيندو، قرآنِ مجيد ان کي جنت ۾ وٺي ويندو وَمَنْ جَعَلَہٗ خَلْفَہٗ سَاقَہٗ اِلَی النَّارِ ۽ جيڪو قرآنِ مجيد کي پٺي پويان اڇلائي ڇڏيندو، قرآنِ مجيد ان کي جهنم ۾ ڌڪي ڇڏيندو. [2]
BOOK TOPIC
©Copyright 2026 by I.T. Department of Dawat-e-Islami