Share this link via
Personality Websites!
مطلب ته اها ڪهڙي برائي آهي جيڪا زمانءِ جاهليت ۾ هوندي هئي ۽ هاڻي اسان جي معاشري ۾ نٿي ٿئي...؟ بلڪه اسان وٽ ته انهن جاهلانه رسمن کي ترقي جو نالو ڏنو وڃي ٿو * وياج کي پرافٽ (Profit) چئي حلال سمجهيو وڃي ٿو * سودي ڏي وٺ کي معيشت جي بهتري جو ذريعو سمجهي ويٺا آهن * شراب پيئڻ فيشن بڻجي رهيو آهي * بي حيائي کي جدت جو نالو ڏنو پيو وڃي.
اي پيارا اسلامي ڀائرو! گناهن جي اونداهين کي ختم ڪرڻ لاءِ امامِ عالي مقام رَضِيَ اللهُ عنه ڪربلا ۾ تشريف کڻي آيا هئا، هي سڀ برايون يزيديت آهن پر اسان ڪربلا وارا، پاڻ کي حسيني سڏڻ وارا، خوب جوش و جذبي سان حسيني لنگر پچائڻ، کائڻ ۽ ورهائڻ وارا، انهن برائين ۾ مبتلا آهيون. امام حسين رَضِيَ اللهُ عنه جي ياد ملهائڻ سٺي ڳالهه آهي، حسيني لنگر پچائڻ به سٺو، کائڻ به سٺو، ورهائڻ به ثواب جو ڪم آهي پر عرض هي آهي ته امامِ عالي مقام رَضِيَ اللهُ عنه جي موقف کي ڪير اپنائيندو؟ سندن اهو مشن جنهن لاءِ پاڻ ڪربلا ۾ تشريف کڻي آيا، ان مشن تي ڪير هلندو؟ ٿورو غور ته فرمايو! جڏهن امام حسين رَضِيَ اللهُ عنه يزيد جي جنهن بري ڪردار مان خوش نه ٿيا ته جيڪڏهن اهو ئي ڪردار اسان جو به هجي * جيڪي عادتون يزيد جون هيون، اهڙيون ئي عادتون اسان جون به هجن * جهڙو گندو اخلاق يزيد جو هو، اهڙو ئي اسان جو به هجي * اهي ئي جاهليت واريون برايون جيڪي يزيد اپنايل هو، انهن کي معاشري ۾ رائج ڪري رهيو هو، اسان به انهن برائين ۾ پيل هجون ته ڇا امام حسين رَضِيَ اللهُ عنه اسان کان خوش ٿي ويندا...؟ هرگز نه ٿيندا. ان ڪري هي ضروري آهي ته اسان سچا حسيني بڻجون.
BOOK TOPIC
©Copyright 2026 by I.T. Department of Dawat-e-Islami