Share this link via
Personality Websites!
آهي ته اهو قرآن کي پنهنجو معيار بڻائيندو، اهو قرآن جي تعليمات تي عمل ڪندو، ان جي مطابق تمام اصول ۽ قانون بڻائيندو، قرآن جي تعليمات کي معاشري ۾ رائج ڪندو. هي حڪم ڏيڻ کان پوءِ فرمايو:
اَفَحُكْمَ الْجَاهِلِیَّةِ یَبْغُوْنَؕ-
ترجمو ڪنزُ العرفان: پوءِ ڇا هي ماڻهو جاهليت جو حڪم گهرن ٿا.
(سيپارو: 6، المائده: 50)
يعني اي محبوب صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَ اٰلِهٖ وَسَلَّم! هي جيڪي بني اسرائيل جا نامور، وڏا وڏا عالم توهان جي خدمت ۾ حاضر ٿيا آهن، اهي ڇا چاهين ٿا؟ ڇا اهي چاهين ٿا ته ٻيهر جاهليت وارين اونداهين جي طرف هليا وڃن؟
ايئن هرگز نه ٿو ٿي سگهي...!! هڪ وقت هو جڏهن دنيا تي جاهليت جي اونداهي ڇانيل هئا * هاڻي اسلام اچي چڪو آهي، رات گذري چڪي آهي، سج نڪري چڪو آهي * هاڻي اسلام جو نور پکڙجي ويو آهي * هاڻي ٻيهر جاهليت جي اونداهين جي طرف نه وڃبو * هاڻي جيڪو دستور نافذ ٿيندو * هاڻي جيڪو قانون ٺهندو، جيڪي به فيصلا ڪيا ويندا * انهن جو بنياد اسلام جي نور تي * قرآن جي تعليمات تي رکيو ويندو * جاهليت جي رسم و رواج تي نه رکيو ويندو. پوءِ فرمايو:
وَ مَنْ اَحْسَنُ مِنَ اللّٰهِ حُكْمًا لِّقَوْمٍ یُّوْقِنُوْنَ۠(۵۰)
ترجمو ڪنزُ العرفان: ۽ يقين وارن جي لاءِ الله کان بهتر ڪنهن جو حڪم ٿي سگهي ٿو. (سيپارو: 6، المائده: 50)
BOOK TOPIC
©Copyright 2026 by I.T. Department of Dawat-e-Islami