Share this link via
Personality Websites!
سان محبت ڪيو ٿا ته منهنجا فرمانبردار بڻجي وڃو الله توهان سان محبت ڪندو ۽ توهان جا گناهه بخشي ڇڏيندو ۽ الله بخشڻ وارو مهربان آهي.
مشهور مفسرِ قرآن مفتي احمد يار خان نعيمي رَحْمَۃُ اللہِ عَلَیْہِ فرمائن ٿا: ڪامل اطاعت ۽ خالص پيروي کي اِتّباع چئبو آهي.[1] هڪ قول مطابق هن آيت سڳوري ۾ نبي ڪريم صَلَّی اللہُ عَلَیْہِ وَ آلِہٖ وَسَلَّم جي احاديثن، سُنّتن ۽ سيرتِ طيبه جي ڪامل (مڪمل) پيروي ڪرڻ جو فرمايو ويو آهي.[2]
فرمانِ مصطفيٰ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم
* جنهن منهنجي سُنّت سان محبت ڪئي، ان مون سان محبت ڪئي، ۽ جنهن مون سان محبت ڪئي اهو جنت ۾ مون سان گڏ هوندو* هڪ حديثِ پاڪ ۾ آهي: جنهن فتني ۽ فساد جي زماني ۾ منهنجي سُنّت تي عمل ڪيو (سُنّت کي مضبوطيءَ سان پڪڙيو)، ان کي 100 شهيدن جو ثواب عطا ڪيو ويندو.[3]
(1) سُنّتن تي عمل ڪرڻ تمام وڏي سعادت ۽ ثواب جو ڪم آهي. (2) سُنّتِ مؤڪده کي ڇڏڻ جي عادت بنائڻ گناهه آهي.[4] (3) سُنّتِ غير مؤڪده کي ڇڏڻ جيتوڻيڪ گناهه ناهي، پر تمام گهڻي ثواب ۽ فضيلتن کان محروميءَ جو سبب آهي.
سُنّتن تي عمل ڪرڻ جا فائدا ۽ ثواب
* سُنّتن تي عمل ڪرڻ جنت ۾ وٺي وڃڻ وارو ڪم آهي. (حديثِ پاڪ ۾ آهي: جنهن پاڪيزہ کاڌو کاڌو، سُنّت مطابق عمل ڪيو ۽ ماڻهو ان جي شَر کان محفوظ رهيا، اهو جنت ۾ داخل ٿيندو.)[5] * سُنّتن تي عمل ڪرڻ نيڪين ۾ اضافي جو سبب آهي. * سُنّتن تي عمل
[1] تفسیر نعیمی ،پارہ:3،سورۂ آلعمران،زیر آیت :31،جلد:3،صفحہ:375۔
[2] تفسیر مدارک ،پارہ:3،سورۂ آلعمران،زیر آیت :31،جلد:1،صفحہ:249،ملخصًا۔
[3] مشکوٰۃ المصابیح،کتاب الایمان،باب الاعتصام بالکتاب والسنۃ،،جلد:1،صفحہ:55،حدیث:175-176 ۔
[4] فتاوی رضویہ ،جلد:1،صفحہ:903۔
[5] مستدرك، کتاب الاطعمۃ، باب ذكر معيشۃ النبى،جلد5،صفحہ:142، حدیث:7155۔
BOOK TOPIC
©Copyright 2026 by I.T. Department of Dawat-e-Islami