Share this link via
Personality Websites!
(1): مختلف موضوعن تي مختصر بيان: 5 منٽ (2): دُعا ياد ڪرڻ: 5 منٽ (3): فڪرِ مدينه: 5 منٽ ڪُل وقت: 15 منٽ
اڄ جي سکڻ ۽ سيکارڻ وارن حلقن ۾ 72 نيڪ اعمال مان هڪ عمل سُنَّتن تي عمل ڪرڻ جي باري ۾ مفيد معلومات فراهم ڪئي ويندي ۽ ٽيون ڪلمو ياد ڪرايو ويندو. آخر ۾ نيڪ اعمال جي رسالي مان اجتماعي جائزو پڻ ورتو ويندو.اِنْ شَآءَ اللہُ الْکَرِیم!
فرمانِ آخري نبي، رسولِ هاشمي صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم: جبرائيل (عَلَيهِ السَّلَام) مون سان عرض ڪيو ته الله پاڪ فرمائي ٿو: اي محمد (صَلَّي اللهُ عَلَيهِ وَ آلِہٖ وَسَلَّم)! ڇا تون ان ڳالهه تي راضي ناهين ته تنهنجو امتي تو تي هڪ سلام موڪلي، مان ان تي ڏهه سلام موڪليان. ([1])
صَلُّوْا عَلَی الْحَبیب! صَلَّی اللّٰہُ عَلٰی مُحَمَّد
پيارا اسلامي ڀائرو! اميرِ اهلسنت دَامَتْ بَرَکَاتُہُمُ الْعَالِیَہ گناهن کان بچڻ ۽ سنتون اپنائڻ لاءِ اسلامي ڀينرن، اسلامي ڀائرن ۽ شاگردن وغيره لاءِ سوالن جي صورت ۾ نيڪ عملن جا مختلف رسالا ترتيب ڏنا آهن. اڄ اسان 72 نيڪ عملن جي رسالي مان نيڪ عمل نمبر 31 جي باري ۾ معلومات حاصل ڪنداسين.
BOOK TOPIC
©Copyright 2026 by I.T. Department of Dawat-e-Islami