Share this link via
Personality Websites!
(1) حضور جي نسبت بي مثال نعمت آهي
پهرين ڳالهه ته اها سکڻ لاءِ ملي ٿي ته سرڪارِ عالي وقار، مڪي مدني تاجدار صَلَّي اللہُ عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي نسبت تمام ڪمال دولت آهي. ڏسو! پاڻ صَلَّي اللہُ عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي قرابت دارن جي محبت کي ايمان جي فرضن ۾ شامل ڪيو ويو، ان جي حڪمت ڪهڙي آهي، ۽ ان جو سبب ڪهڙو آهي؟ صرف اهو ته کين رسولن جي سردار، نبين جي تاجدار صَلَّي اللہُ عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم سان نسبت ۽ تعلق حاصل آهي.
پياري آقا، مڪي مدني مصطفيٰ صَلَّي اللہُ عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي پڦي جان آهي: حضرت صفيه رَضِيَ اللهُ عَنْها، هڪ دفعو کين ڪنهن چئي ڏنو: اي صفيه! الله جي بارگاهه ۾ رسولِ اڪرم، نورِ مجسم صَلَّي اللہُ عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي مائٽي توهان کي فائدو نه ڏيندي. هي ٻڌي حضرت صفيه رَضِيَ اللهُ عَنْها کي تمام گهڻو ڏک ٿيو. جڏهن شافعِ امم، شاهه عرب و عجم صَلَّي اللہُ عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم کي هن ڳالهه جي خبر پئي ته پاڻ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم جلال ۾ اچي ويا ۽ حضرت بلال رَضِيَ اللهُ عَنْه کي فرمايائون: اي بلال! ماڻهن کي گڏ ڪيو...! پوءِ پاڻ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم منبر تي ويهي، الله جي حمد و ثنا بيان ڪيائون ۽ فرمايائون: انهن ماڻهن جو ڪهڙو حال آهي جيڪي گمان ڪن ٿا ته منهنجي قرابت (مائٽي) فائدو نه ڏيندي؟ قيامت جي ڏينهن هر سبب ۽ نسب (مائٽي ۽ ساهراڻو رشتو) ٽٽي ويندو پر منهنجو سبب ۽ نسب دنيا ۽ آخرت ۾ ڳنڍيل آهي. [1]
BOOK TOPIC
©Copyright 2026 by I.T. Department of Dawat-e-Islami