Share this link via
Personality Websites!
جيتوڻيڪ اهو پاڻ سڳورن صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم جو اختياري فقر هو، پاڻ چاهين ها ته جبل سون جا ٿي ساڻن هلن ها، پر پاڻ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم دنيا کي پسند نه فرمائيندا هئا. ڪنهن عاشق ڇا ته خوب چيو آهي:
مالِکِ کونین ہیں گو پاس کچھ رکھتے نہیں
دو جہاں کی نعمتیں ہیں، ان کے خالی ہاتھ میں([1])
مطلب ته اهو پاڻ صَلَّي اللہُ عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جو اختياري فقر هو پر انصار صحابهءِ ڪرام رَضِیَ اللہُ عَنۡهم جن جڏهن اهو انداز مبارڪ ڏٺو ته سندن دل چاهيو ته پاڻ صَلَّي اللہُ عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي خدمت ۾ ڪو مالي تحفو (Gift) پيش ڪيو وڃي، جيئن ته انهن پاڻ ۾ گڏجي تمام گهڻو مال گڏ ڪيو ۽ بارگاههِ رسالت ۾ حاضر ٿي عرض ڪيائون: يَا رسولَ الله صَلَّي اللہُ عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم! * توهان ئي آهيو جن جي ڪري اسان کي هدايت نصيب ٿي * توهان جي ئي ذريعي اسان گمراهي مان نجات ماڻي آهي * يَا رسولَ الله صَلَّي اللہُ عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم! هي اسان خادمن پاران هڪ معمولي نذرانو آهي، قبول فرمايو! ان موقعي تي هيءَ آيتِ ڪريمه نازل ٿي، [2] الله پاڪ فرمايو:
قُلْ
ترجموڪنزُالعرفان: اوهان فرمايو: (سيپارو: 25، الشوريٰ: 23)
ڇا فرمائڻو آهي؟
BOOK TOPIC
©Copyright 2026 by I.T. Department of Dawat-e-Islami