Share this link via
Personality Websites!
صَدَقَ اللہُ الْعَظِیْم وَ صَدَقَ رَسُوْلُہُ النَّبِیُّ الْکَرِیْم صلّی اللہ عَلَیْہِ وَ آلِہٖ وَسَلَّم
ترجموڪنزُ العرفان: اوهان فرمايو: مان ان تي توهان کان ڪو معاوضو نٿو گهران سواءِ قرابت جي محبت جي، ۽ جيڪو نيڪ ڪم ڪري اسان ان جي لاءِ ان ۾ ويتر خوبي وڌائينداسين.، بيشڪ الله بخشڻ وارو، قدر فرمائڻ وارو آهي.
(سيپارو: 25، الشوريٰ: 23)
پيارا اسلامي ڀائرو! محرم شريف جيڪو اسلامي سال جو پهريون مهينو آهي، الحمدلله! شروع ٿي چڪو آهي. هن مقدس مهيني کي شَهرُالله (يعني الله پاڪ جو مهينو) پڻ چيو ويندو آهي ۽ هي نالو حديث پاڪ ۾ آيو آهي، مسند امام احمد ۾ آهي ته هڪ شخص بارگاههِ رسالت ۾ حاضر ٿي عرض ڪيو: يَارسولَ الله صَلَّي اللہُ عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم! رمضان کان سواءِ مان ڪهڙي مهيني ۾ روزا رکان؟ فرمايائون: جيڪڏهن رمضان (جي فرض روزن کان سواءِ) نفل روزا رکڻ چاهيو ٿا ته محرم الحرام ۾ رکو، ڇو ته هي الله پاڪ جو مهينو آهي. [1]
حضرت اَبُو عثمان نَهدِي رَحمۃُ اللہِ عَلَیْہ فرمائن ٿا: صحابه ڪرام رَضِیَ اللہُ عنہم ٽن ڏهاڪن جي تمام گهڻي تعظيم ڪندا هئا: (1): ماهِه رمضان جو آخري ڏهاڪو (يعني 10 ڏينهن) (2-3): ذُوالحج ۽ محرم شريف جو پهريون عشرو (يعني شروعاتي 10 ڏينهن). ([2])
BOOK TOPIC
©Copyright 2026 by I.T. Department of Dawat-e-Islami