Share this link via
Personality Websites!
مسئلو: قبر جي بي ادبي ۽ پامالي ناجائز ۽ گناهه آهي.
وضاحت: محرم الحرام ۾ 10 تاريخ تي ماڻهو عام طور تي قبرستان ويندا آهن، جيڪا سٺي ڳالهه آهي، وڃڻ گهرجي، عبرت ۽ نصيحت جي لاءِ قبرستان وڃڻ سنت مان ثابت آهي. البت ان ۾ قبرستان جي آدابن جو خيال رکڻ نهايت ئي ضروري آهي، * قبر تي پير رکڻ يا ان تي ويهڻ ناجائز ۽ گناهه آهي، [1] ان سان ميت کي تڪليف ٿيندي آهي. حديث ۾ آهي: ڪنهن جو چڻنگ تي ويهڻ قبر تي ويهڻ کان بهتر آهي.[2] هڪ روايت ۾ فرمايائون: ميت کي قبر ۾ ان ڳالھ کان تڪليف ٿيندي آهي، جنهن سان گهر ۾ تڪليف پهچندي هئي.[3] مثال طور ڪنهن تي پير رکون ته ان کي تڪليف ٿيندي، ائين ئي قبر تي پير رکون ته ان سان به ميت کي تڪليف ٿيندي. تنهنڪري قبرستان وڃو ته ان ڳالهين جو خيال رکڻ گهرجي * ڪڏهن ڪڏهن قبرستان ۾ نئون رستو ڪڍيو ويندو آهي، علماءِ ڪرام رَحمۃُ اللہِ عَلَیْهم فرمائن ٿا: قبرستان ۾ جيڪو نئون رستو ڪڍيو ويو هجي ان تي هلڻ حرام آهي.[4] * جيڪڏهن قبرستان جي اندر وڃڻ جو رستو نه هجي ۽ قبر تائين وڃڻ جي لاءِ قبرن تان لنگهڻو پوي ته اتي وڃڻ منع آهي، حڪم آهي ته ٻاهران ئي بيهي ڪري فاتحه پڙهي.[5] لله پاڪ اسان کي درست اسلامي احڪام سکڻ ۽ انهن تي عمل ڪرڻ جي توفيق نصيب فرمائي.
اٰمِیْنْ بِجَاہِ خاتَمِ النَّبِیّٖن صلَّی اللہُ عَلَیْہ ِوَاٰلِہٖ وَسَلَّمَ
BOOK TOPIC
©Copyright 2026 by I.T. Department of Dawat-e-Islami