Share this link via
Personality Websites!
زور ڏيندا هئا، پاڻ فرمائن ٿا: ساداتِ ڪرام جي حقن مان هڪ حق هي به آهي ته اسين مٿن پنهنجيون جانيون قربان ڪري ڇڏيون، ڇو ته اهي حضورِ اڪرم صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَ آلِهٖ وَسَلَّم جي جگر جا ٽڪرا آهن. * ساداتِ ڪرام جي ادبن مان آهي ته انهن جي سامهون پاڻ کي نه ڏسجي (يعني انهن جي آڏو انتهائي عاجزي سان پيش اچجي ۽ پنهنجون ضرورتون انهن تان قربان ڪجن) * پاڻ کي انهن تي ترجيح نه ڏجي * سيد صاحب چاهي بي علم به هجي، تڏهن به سندس ادب بجا آڻجي * حضرت علي خواص رَحمۃُ اللهِ عَلَيْه وڌيڪ فرمائن ٿا: پنهنجي خواهشن تي ساداتِ ڪرام جي رضا کي مقدم (يعني پهريان) رکو ۽ سندن مڪمل تعظيم ڪريو، ۽ جڏهن اهي زمين تي ويٺل هجن ته توهان کٽ تي هرگز نه ويهو. [1]
خواجه غلام فريد رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه تمام وڏا بزرگ ٿي گذريا آهن. هڪ ڀيري ڪنهن لنڊن مان هڪ گهڙي آڻي کين پيش ڪئي، جيڪا تمام قيمتي هئي. ان گهڙيءَ ۾ ڪيترائي آلات (اوزار) لڳل هئا، جن جي ذريعي موسم جي صورتحال، طوفان ۽ زلزلي جي معلومات ۽ قبلي جي سمت (طرف) وغيره سڀ ڪجهه معلوم ڪري سگهبو هو. ان وقت جي لحاظ کان ان گهڙي جي قيمت تقريبن 25 کان 30 هزار رپيا هئي.
هڪ ڀيري هڪ سيد صاحب فرمايو: هيءَ گهڙي مون کي ڏئي ڇڏيو! خواجه غلام فريد رَحمۃُ اللهِ عَلَيْه يڪدم اها گهڙي کين پيش ڪري ڇڏي. ڪنهن مريد عرض ڪيو: حضور! هيءَ تمام قيمتي ۽ ناياب گهڙي هئي، اهڙي
BOOK TOPIC
©Copyright 2026 by I.T. Department of Dawat-e-Islami