Share this link via
Personality Websites!
* شيخ ابراهيم رامپوري رَحمۃُ اللہِ عَلَیْہ هڪ بزرگ ٿي گذريا آهن، پاڻ جڏهن سيدپور ڪرنال ۾ تشريف کڻي آيا، اتي ئي رهائش اختيار فرمائي، اتي اچڻ کان بعد پاڻ ڪڏهن به کٽَ تي نه سمهندا هئا، ماڻهن ان جو سبب پڇيو ته فرمايائون: هن علائقي جا ڪجهه ساداتِ ڪرام اهڙا آهن جن کي کَٽون ميسر ناهن، هو زمين تي سمهندا آهن، جڏهن سادات پنهنجن گهرن ۾ زمين تي آرام فرما آهن ته مان کٽَ تي ڪيئن سمهان، هي بي ادبي آهي.
* پاڻ رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه ڄمون جي باغ ۾ وڻ هيٺان عبادت ڪندا هئا، اتي ڪڏهن ڪڏهن ننڍڙا سيد سڳورا اچي وڻن کي پٿر هڻي ميوو لاهي کائيندا هئا، ڪڏهن پٿر شيخ ابراهيم رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه کي به لڳندو هو پر پاڻ ان کي سعادت سمجهي صبر ڪندا هئا. جڏهن برداشت کان ٻاهر ٿيو ته سادات کي ته ڪجهه نه چيائون، وڻن کي فرمايائون: اي وڻو...! مونکي سادات جو ادب ملحوظ آهي، مان انهن کي ڪجهه نٿو چئي سگهان، توهان آئنده ميوو نه ڏيندا ڪيو! ان ڏينهن کان وڻن تي ميوو اچڻ بند ٿي ويو. [1]
* شيخ امان پاني پتي رَحمۃُ اللہِ عَلَیْہ به هڪ نيڪ بزرگ ٿي گذريا آهن، پاڻ فرمائن ٿا: منهنجي ويجهو درويشي ٻن شين جو نالو آهي: (1) حسنِ اخلاق (2) محبتِ اهلِ بيت. يعني جنهن خوش نصيب کي اهي ٻه نعمتون ملي وينديون آهن، اهو بلند مقام حاصل ڪري وٺندو آهي. اخبارُ الاخبار ۾ شيخ عبدُ الحق محدث دهلوي رَحمۃُ اللہِ عَلَیْہ لکن ٿا: شيخ امان پاني پتي رَحمۃُ اللہِ عَلَیْہ جي عادت مبارڪ هوندي هئي، جڏهن پاڻ پڙهائي رهيا هوندا هئا، ان دوران جيئن ئي ڪو سيد سڳورو گهٽيءَ ۾ راند ڪندي نظر ايندو هو ته پاڻ
BOOK TOPIC
©Copyright 2026 by I.T. Department of Dawat-e-Islami