Share this link via
Personality Websites!
پهريان جنت ۾ ويندا، انهن ۾ هڪ مان، هڪ تون، ۽ ٻه تنهنجا پٽ حسن و حسين رَضِیَ اللہُ عَنۡهما آهن. اسان جو اولاد اسان جي پويان ۽ انهن جي پويان اسان جون گهر واريون هونديون. حضرت عليُ المرتضيٰ، شيرِ خُدا رَضِیَ اللہُ عَنۡہ عرض ڪيو: يَارسولَ الله! اسان جو گروهه (يعني اسان سان محبت ڪندڙ) ڪٿي هوندو؟ فرمايائون: توهان جو گروهه توهان جي پويان پويان جنت ۾ ويندو. [1]
سُبْحٰنَ الله! پيارا اسلامي ڀائرو! ڪيڏو ته عظيم شان آهي...!! ٿورو تصور ته ڪريو! اهو ڪهڙو نه حسين ۽ دلڪش منظر هوندو، جڏهن اسان جا جان کان به پيارا آقا، مڪي مدني مصطفيٰ صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَ آلِهٖ وَسَلَّم، حضرت مولا علي رَضِيَ اللهُ عَنْه ۽ حسنينِ ڪريمين رَضِيَ اللهُ عَنْهمَا گڏجي جنت ۾ داخل ٿي رهيا هوندا، سندن پويان پويان ساداتِ ڪرام هوندا ۽ جيڪڏهن الله پاڪ چاهيو ته اِنْ شَآءَ اللہُ الْکَرِیْم! اسين صحابه ۽ اهلِ بيت جا عاشق به انهن جي پٺيان پٺيان جنت ۾ پهچي وينداسين.
باغِ جنّت میں مُحَمَّد مسکراتے جائیں گے
پُھول رحمت کے جھڑیں گے، ہم اُٹھاتے جائیں گے
پيارا اسلامي ڀائرو! الله پاڪ اسان کي اهلِ بيت جي ڪامل محبت نصيب فرمائي. اسان جا اسلاف، بزرگانِ دين، الله پاڪ جا نيڪ ٻانها اهڙي ڪمال انداز ۾ سيد سڳورن جو ادب ڪندا هئا جو واھ....!! سبحان الله!
BOOK TOPIC
©Copyright 2026 by I.T. Department of Dawat-e-Islami