Share this link via
Personality Websites!
اَہْلِ سُنّت کا ہے بیڑا پار اَصْحابِ حُضُوْر
نجم ہیں اور ناؤ ہے عِتْرت رسولُ اللہ کی([1])
وضاحت: يعني اسان عاشقن جو ٻيڙو اِنْ شَآءَ اللہُ الْکَرِیْم! دنيا، قبر، حشر ۽ پل صراط هر جاءِ پار ئي آهي، ڇو ته لله پاڪ جي فضل سان اسان هدايت جي تارن يعني صحابهءِ ڪرام رَضِیَ اللہُ عَنۡهم سان به محبت ڪندا آهيون ۽ فتنن جي طوفانن کان بچائيندڙ ٻيڙي يعني اولادِ مصطفيٰ سان به محبت ڪندا آهيون.
حضرت عبدالله بن عباس رَضِيَ اللهُ عَنْهمَا کان روايت آهي ته سرڪارِ عالي وقار، مڪي مدني تاجدار صَلَّي اللہُ عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جن فرمايو: جيڪو منهنجي صحابه سان، منهنجي ازواجِ پاڪ (يعني مؤمنن جي مائرن) سان ۽ منهنجي اهلِ بيت سان عقيدت رکي ٿو، انهن مان ڪنهن جي به برائي نٿو ڪري ۽ انهن جي محبت تي ئي فوت ٿئي ٿو، اهو قيامت جي ڏينهن مون سان گڏ هوندو. [2]
عاشقانِ اهلِ بيت جي جنت ۾ داخلا جو منظر
امامِ عالي مقام، امام حُسين رَضِىَ اللهُ عَنْهُ کان روايت آهي: هڪ ڏينهن حضرت موليٰ علي شيرِ خدا رَضِىَ اللهُ عَنْهُ مالڪِ جنت، قاسمِ نعمت صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم خدمت ۾ حاضر ٿيا، پاڻ فرمايائون: اي علي! اهي 4 ماڻهو جيڪي سڀ کان
BOOK TOPIC
©Copyright 2026 by I.T. Department of Dawat-e-Islami