Share this link via
Personality Websites!
وڌيڪ محبوب نه هجي، وَیِکُوْنُ اَہْلِیْ اَحَبَّ اِلَیْہِ مِنْ اَہْلِہٖ ۽ منهنجا اهلِ بيت ان کي پنهنجي گهر وارن کان وڌيڪ پيارا ۽ محبوب نه هجن. [1]
هڪ روايت ۾ آهي: جيڪو الله سان محبت رکي ٿو، اهو قرآن سان محبت رکي ٿو، جيڪو قرآن سان محبت رکي ٿو، اهو مون سان محبت رکي ٿو، ۽ جيڪو مون سان محبت رکي ٿو، اهو منهنجي اصحابن ۽ قرابت دارن سان محبت رکي ٿو. [2]
پيارا اسلامي ڀائرو! معلوم ٿيو: صحابهءِ ڪرام ۽ اهلِ بيتِ پاڪ سان محبت رکڻ عشقِ رسول صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَ آلِهٖ وَسَلَّم جو نتيجو آهي، مؤمن ٻانهي جي سڃاڻپ اها آهي ته هو الله پاڪ سان محبت ڪري ٿو، الله پاڪ سان محبت ڪرڻ واري جي سڃاڻپ اها آهي ته هو قرآنِ ڪريم سان محبت ڪري ٿو، ۽ قرآنِ ڪريم سان محبت ڪرڻ واري جي سڃاڻپ اها آهي ته سندس دل ۾ محبوبِ خدا، احمدِ مجتبىٰ صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَ آلِهٖ وَسَلَّم جي محبت هوندي آهي، ۽ جنهن دل ۾ محبتِ رسول موجود هجي، ان جي سڃاڻپ اها آهي ته کيس صحابهءِ ڪرام سان به محبت هوندي آهي ۽ هو اهلِ بيتِ پاڪ سان به محبت ڪندو آهي. انهن تمام ناتن کي پاڻ ۾ ملائڻ جو نتيجو اهو نڪتو ته صحابهءِ ڪرام ۽ اهلِ بيتِ پاڪ جي محبت مسلمان هجڻ جي نشاني آهي.
BOOK TOPIC
©Copyright 2026 by I.T. Department of Dawat-e-Islami