Share this link via
Personality Websites!
هن روايت مان پهريون سبق هي ملي ٿو ته هڪ والد هئڻ جي حيثيت سان اسان جو پنهنجن ٻارن سان تعلق ڪهڙو هجڻ گهرجي. يقيناً سڀئي ماءُ پيءُ پنهنجي اولاد سان محبت ڪندا آهن ۽ بي پناهه محبت ڪندا آهن، پر اولاد سان جيڪا فزيڪل اٽيچمينٽPhysical attachment) )آهي، اها اڄڪلهه گهٽ کان گهٽ ٿيندي پئي وڃي. * والد صاحب ڪمائڻ جي فڪر ۾ ايترا ته مصروف ٿي ويندا آهن جو کين ٻارن کي هنج ۾ کڻڻ جو موقعو به نه ملندو آهي * جيڪي غريب آهن، محنت مزدوري ڪندا آهن، اُهي سڄو ڏينهن محنت مشقت ڪري ٿڪجي پوندا آهن،. انهن جي گهر اچڻ شرط ٻارن کي پاسي تي ڪيو ويندو آهي ته بابا سائين ٿڪجي آيا آهن، هاڻي انهن کي ڪجهه نه چئجو، سندن ويجهو نه وڃجو. جيڪڏهن محبت جا ماريل ٻار پاڻ والد صاحب ڏانهن وڌندا آهن ته سڄو ڏينهن ڪم ڪار ڪرڻ سبب ٿڪاوٽ ۽ چڙچڙائپ اچي ويندي آهي، تنهنڪري ٻارن کي دڙڪا ڏئي پوئتي ڪيو ويندو آهي. * ۽ جيڪي امير ماڻهو آهن، جيڪي آفيس ۾ اي سي هيٺان ويهي پُرسڪون ماحول ۾ ڪم ڪري رهيا هوندا آهن، جيتوڻيڪ انهن کي اهڙي جسماني ٿڪاوٽ نه ٿيندي آهي، پر انهن جو ذهني ڪم هوندو آهي. سڄو ڏينهن ڪم ڪري دماغ ٿڪجي چڪو هوندو آهي. پوءِ اڄڪلهه اسان جي آفيسن Offices))جو ماحول به اهڙو هوندو آهي، جو فلاڻي آفيسر ڇَنڊَ پَٽِي، فلاڻي فائيل جو مسئلو ٿي ويو، پوءِ گهر اچي به ڪم وارن جا فون اچي رهيا هوندا آهن. اهڙي صورتحال ۾ ٻارن سان فزيڪل اٽيچمينٽ جو ماحول نه جُڙِي سگهندو آهي * ٻارن کي رانديڪا وٺي ڏنا ويندا آهن * ٻارن لاءِ کاڌي پيتي جو بهترين انتظام ڪيو ويندو آهي * مهيني ۾ هڪ اڌ ڀيرو گهمائڻ ڦيرائڻ لاءِ وٺي ويندا آهن * ان
BOOK TOPIC
©Copyright 2026 by I.T. Department of Dawat-e-Islami