Share this link via
Personality Websites!
خير! مون پنهنجي حاجت عرض ڪئي، پاڻ ڪريم صَلَّی اللہُ عَلَیْہِ وَ آلِہٖ وَ سَلَّم منهنجي حاجت پوري فرمائي. پوءِ مون عرض ڪيو: يارسولَ الله صَلَّی اللہُ عَلَیْہِ وَ آلِہٖ وَ سَلَّم! هي چادر جي اندر ڇا آهي؟ اِهو ٻڌي پياري آقا صَلَّی اللہُ عَلَیْہِ وَ آلِہٖ وَ سَلَّم چادر مبارڪ هٽائي ڇڏي. ڇا ٿو ڏسان ته اندر امامِ حسن ۽ امامِ حسين رَضِیَ اللہُ عنہما موجود آهن. پاڻ صَلَّی اللہُ عَلَیْہِ وَ آلِہٖ وَ سَلَّم فرمايو:
هَذَانِ ابْنَايَ وَابْنَا ابْنَتِيْ
ترجمو: هي منهنجا پٽ، يعني منهنجي نياڻيءَ جا پٽ (۽ منهنجا ڏوهٽا) آهن.
پوءِ فرمايائون:
اَللّٰهُمَّ اِنِّيْ اُحِبُّهُمَا فَاَحْبِبْهُمَا وَاَحْبِبْ مَنْ يُّحِبُّهُمَا
ترجمو: اي الله پاڪ! بيشڪ مان هنن ٻنهي سان محبت ڪندو آهيان، تون به انهن سان محبت فرماءِ ۽ (قيامت تائين) جيڪو به هنن سان محبت ڪري، ان کي به پنهنجو محبوب بڻائي ڇڏ.[1]
جو رسول والا ہے جو حسین والا ہے باخُدا! وہ ہی بندہ بس خُدا کو پیارا ہے
خُود خُدا نے قرآن میں جابجا یہ فرمایا جو ہے مُحَمَّد کا وہ ہی ہمارا ہے
صَلُّوْا عَلَی الْحَبِیْب! صَلَّی اللہُ عَلٰی مُحَمَّد
پيارا اسلامي ڀائرو! هيءَ روايت جيڪا مون هاڻي توهان کي ٻڌائي، ان مان ملڻ وارا 2 سبق عرض ڪيان ٿو:
BOOK TOPIC
©Copyright 2026 by I.T. Department of Dawat-e-Islami