Share this link via
Personality Websites!
پيارا اسلامي ڀائرو! محرم شريف جيڪو اسلامي سالIslamic year) )جو پهريون مهينو (First month) آهي، اَلحمدُ للہ! شروع ٿي چڪو آهي. هن مقدس مهيني کي شَہْرُ الله (يعني الله پاڪ جو مهينو) به چيو ويندو آهي ۽ ان جو هي نالو حديث پاڪ ۾ ارشاد ٿيو آهي. مُسْنَدْ اِمام اَحمد ۾ آهي ته هڪ ڀيري هڪ شخص بارگاهِه رسالت ۾ حاضر ٿيو، عرض ڪيائين: يارسولَ الله صَلَّی اللہُ عَلَیْہِ وَ آلِہٖ وَسَلَّم! رمضان ڪريم کان علاوه ڪهڙي مهيني ۾ روزا رکان؟ فرمايائون: جيڪڏهن رمضان ڪريم جي فرض روزن کان سواءِ نفلي روزا رکڻ چاهيو ٿا ته پوءِ محرم شريف ۾ رکو، ڇوته هي الله پاڪ جو مهينو آهي.([1])
حضرت اَبُو عثمان نَهدِي رَحمۃُ اللہِ عَلَیْہ فرمائن ٿا: صحابه ڪرام رَضِیَ اللہُ عنہم ٽن ڏهاڪن جي تمام گهڻي تعظيم ڪندا هئا: (1): ماهِه رمضان جو آخري ڏهاڪو (يعني 10 ڏينهن) (2-3): ذُوالحج ۽ محرم شريف جو پهريون عشرو (يعني شروعاتي 10 ڏينهن). ([2])
پيارا اسلامي ڀائرو! اسان کي به گهرجي ته اسان هنن 30 ڏينهن (يعني رمضان ڪريم جا آخري 10 ڏينهن، ذُوالحج ۽ محرم شريف جا شروعاتي 10،10 ڏينهن) جو * تمام گهڻو احترام ڪريون * انهن ۾ نيڪ ڪم ڪريون * عِلمِ دين حاصل ڪريون * خاص طور (Necessarily) انهن ۾ گناهن کان بچون * نفلي روزا رکون * نفلي عبادتون به ڪريون. اَلحمدُ للہ!
BOOK TOPIC
©Copyright 2026 by I.T. Department of Dawat-e-Islami