Share this link via
Personality Websites!
عاشورا جي رات ۽ ڏينهن ۾ ڪرڻ و ارا ڪم:
* عاشورا جي رات جو عمل: علماءِ ڪرام فرمائن ٿا: عاشورا جي رات ( يعني 9 ۽ 10 محرم شريف جي وچ واري رات) 4 نفل هن طرح ادا ڪريو جو هر رڪعت ۾ سورة فاتحه کان پوءِ آیۃُ الکرسی هڪ ڀيرو ۽ سورة اخلاص ٽي ٽي ڀيرا پڙهو، پوءِ نماز کان فارغ ٿي 100 ڀيرا سورة اخلاص پڙهو۔ هن جي برڪت سان گناهن کان پاڪ ٿي ويندؤ ۽ جنت ۾ بي انتها نعمتون ملنديون. ([1])
* عاشورا جي ڏينهن جا ڪجهه عمل: * روزو رکڻ: هن ڏينهن خاص طور تي پياري آقا، مڪي مدني مصطفيٰ صَلَّی اللہُ عَلَیْہِ وَ آلِہٖ وَسَلَّم پاڻ به روزو رکيو ۽ روزو رکڻ جو حڪم فرمايو ([2]) گڏوگڏ 9 يا 11 محرم شريف جو روزو به ان سان ملائڻ جو ارشاد فرمايو. ([3])
* رزق ۾ ڪشادگي جو نسخو: فرمانِ مصطفيٰ صَلَّی اللہُ عَلَیْہِ وَ آلِہٖ وَسَلَّم آهي: جيڪو 10 محرم شريف تي پنهنجي ٻارن جي خرچ ۾ ڪشادگي ڪندو ته الله پاڪ سڄو سال ان کي ڪشادگي عطا فرمائيندو۔ حضرت سفيان ثوري رَحمۃُ اللہِ عَلَیْہ فرمائن ٿا: اسان هن حديث پاڪ جو تجربو ڪيو ته ائين ئي ڏٺوسين. ([4])
* عاشورا جي ڏينهن جون وڌيڪ 10 نيڪيون: (1): صدقو ڪرڻ (2): نفل نماز پڙهڻ (3): هڪ هزار ڀيرا سورة اخلاص پڙهڻ (4): عالمن جي زيارت ڪرڻ (5):
BOOK TOPIC
©Copyright 2026 by I.T. Department of Dawat-e-Islami