Share this link via
Personality Websites!
سيکاريندا آهن۔ هر سال جيان هن سال به 8، 9 ۽ 10 محرم شريف 1448 هجري تي شهداءِ ڪربلا جي ايصالِ ثواب لاءِ قافلا سفر ڪندا۔ توهان به 3 ڏينهن جي قافلي ۾ سفر ڪرڻ جي نيت فرمايو۔ الله پاڪ عمل جي توفيق نصيب فرمائي۔
اٰمِیْنْ بِجَاہِ خاتَمِ النَّبِیّٖن صلَّی اللہُ عَلَیْہ ِوَاٰلِہٖ وَسَلَّمَ
فيضانِ صحابه ۽ اهلِ بيت اجتماعي دعوت
دعوتِ اسلامي صحابه ڪرام ۽ اهلِ بيت اطهار سان محبت ڪرڻ وارن جي ديني تنظيم آهي. محرم الحرام جي پهرين 10 ڏينهن ۾ يو سي (UC) جي سطح تي صحابه ۽ اهلِ بيت رَضِيَ اللهُ عَنْهُم جي ذڪرِ خير جا اجتماعات ٿي رهيا آهن.
توهان کي عرض آهي ته پنهنجي يوسي ۾ ٿيندڙ اجتماعات، خاص طور تي پنهنجي علائقي ۾ ٿيندڙ 10 محرم الحرام (عاشوري جي ڏينهن) جي اجتماع ۾ پاڻ به شريڪ ٿيو ۽ ٻين کي به ان جي دعوت ڏيو.
الله پاڪ عمل جي توفيق عطا فرمائي. اٰمِين بِجَاهِ خَاتَمِ النَّبِيّٖن صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم
صَلُّوْا عَلَی الْحَبِیْب! صَلَّی اللہُ عَلٰی مُحَمَّد
پيارا اسلامي ڀائرو! بيان کي اختتام ڏانهن آڻيندي عاشورا (يعني 10 محرم شريف) سان لاڳاپيل ڪجهه آداب بيان ڪرڻ جي سعادت حاصل ڪري رهيو آهيان.
عاشورا (10 محرم شريف) جي ڏينهن ۽ رات ۾ ڪرڻ وارا ڪم
فرمانِ مصطفيٰ صَلَّی اللہُ عَلَیْہِ وَ آلِہٖ وَسَلَّم: مون کي الله پاڪ مان اميد آهي ته عاشورا (يعني 10 محرم شريف) جو روزو هڪ سال اڳ جا گناهه مٽائي ڇڏيندو آهي. ([1])
BOOK TOPIC
©Copyright 2026 by I.T. Department of Dawat-e-Islami