Share this link via
Personality Websites!
بيان ڪندا آهن، انهن جي لاءِ جنت جا باغ آهن ۽ جيڪي اَهلِ بيت جا دشمن آهن، انهن جي لاءِ جهنم جي وعيد آهي.
آخر ۾ هڪ اهم وضاحت (Important explanation) ٻڌي وٺو! اسان کي اَهلِ بيتِ پاڪ سان محبت ڪرڻي آهي، پر اَهلِ بيت جي سچي محبت ڇا کي چئبو آهي؟ اِهو به سمجهي ڇڏيو: روايت آهي ته: هڪ ڏينهن حضرت اميرِ معاويه رَضِیَ اللہُ عنہ خطبو ڏئي رهيا هئا ته ايتري ۾ امامِ عالي مقام، امام حسين رَضِیَ اللہُ عنہ تشريف کڻي آيا. حضرت امير معاويه رَضِیَ اللہُ عنہ جلدي جلدي خطبو مڪمل ڪيو ۽ منبر تان هيٺ لهي آيا. هاڻي حضرت امام حسين رَضِیَ اللہُ عنہ منبر تي تشريف فرما ٿيا. پاڻ الله پاڪ جي حمد ۽ ثنا بيان ڪيائون، پوءِ فرمايائون: مون کي منهنجي نانا جان ٻڌايو آهي ته الله پاڪ فرمائي ٿو: عرشِ اعظم جي پائي جي هيٺان سائي رنگ جي هڪ تختي آهي، جنهن تي لکيل آهي: اي آلِ محمد جا گروهه! توهان مان جيڪو به قيامت جي ڏينهن لَا اِلٰهَ اِلَّا الله جي شاهدي ڏيندو ايندو، الله پاڪ ان کي جنت ۾ داخل فرمائيندو.
اِهو ٻڌي حضرت امير معاويه رَضِیَ اللہُ عنہ پڇيو: اي ابوعبدالله (يعني امام حسين رَضِیَ اللہُ عنہ)! آلِ محمد جو گروهه ڪهڙو آهي؟ فرمايائون: اُهو جيڪو شَیْخَیْن يعني حضرت ابو بڪر ۽ حضرت عمر کي، حضرت عثمانِ غني کي، منهنجي والدِ محترم مولا علي کي ۽ اي معاويه! توهان کي بُرو ڀلو نه چوندو هجي، اُهو آلِ محمد جو گروهه آهي. ([1])
BOOK TOPIC
©Copyright 2026 by I.T. Department of Dawat-e-Islami