Share this link via
Personality Websites!
پنهنجون جانيون قربان ڪري ڇڏيون، ڇوته اِهي حضورِ اڪرم صَلَّی اللہُ عَلَیْہِ وَ آلِہٖ وَسَلَّم جي جگر جا ٽڪرا آهن * ساداتِ ڪرام جي آداب مان آهي ته انهن جي سامهون پاڻ کي نه ڏسون (يعني انهن سان انتهائي عاجزي سان پيش اچون ۽ پنهنجون ضرورتون انهن تي قربان ڪريون) * پاڻ کي انهن تي ترجيح نه ڏيون * سيد صاحب توڙي جو بي علم هجن، تڏهن به سندن ادب بجا آڻيون* حضرت علي خوّاص رَحمۃُ اللہِ عَلَیْہ وڌيڪ فرمائن ٿا: پنهنجي خواهشن تي ساداتِ ڪرام جي رضا کي مقدم رکو ۽ سندن پوري تعظيم ڪريو.([1])
اهلِ بيت سان بغض رکڻ وارن جو انجام
پيارا اسلامي ڀائرو! جيئن اولادِ مصطفيٰ صَلَّی اللہُ عَلَیْہِ وَ آلِہٖ وَ سَلَّم سان محبت رکڻ جون بيشمار فضيلتون ۽ برڪتون آهن، ائين ئي انهن سان بغض ۽ دشمني رکڻ جون به تمام سخت وعيدون آهن. جيئن:
اهلِ بيت سان دشمني رکڻ وارو جهنمي
حضرت عبد الله بن عباس رَضِیَ اللہُ عنہما کان روايت آهي، سرڪارِ ذيشان، مڪي مدني سلطان صَلَّی اللہُ عَلَیْہِ وَ آلِہٖ وَ سَلَّم فرمايو: جيڪڏهن ڪو شخص ڪعبي شريف ۽ مقامِ ابراهيم جي وچ ۾ نمازون پڙهي، اتي ئي رهي روزا رکي ۽ پوءِ اُهو اَهلِ بيت جي دشمني تي مري وڃي ته اهو جهنم ۾ ويندو.([2])
باغ جنّت کے ہیں بہرِ مدح خوانِ اَہْلِ بیت تم کو مژدہ نار کا اے دُشمنان اَہْلِ بیت ([3])
وضاحت: جيڪي اَهلِ بيتِ پاڪ سان محبت ڪندا آهن ۽ انهن جون تعريفون
BOOK TOPIC
©Copyright 2026 by I.T. Department of Dawat-e-Islami