Share this link via
Personality Websites!
مولا علي شيرِ خدا رَضِیَ اللہُ عنہ مالڪِ جنت، قاسمِ نعمت صَلَّی اللہُ عَلَیْہِ وَ آلِہٖ وَسَلَّم جي خدمت ۾ حاضر ٿيا. پاڻ صَلَّی اللہُ عَلَیْہِ وَ آلِہٖ وَسَلَّم فرمايو: اي علي! اُهي چار ماڻهو جيڪي سڀ کان پهريان جنت ۾ داخل ٿيندا، انهن مان هڪ مان آهيان، هڪ تون آهين ۽ ٻه تنهنجا پٽ حسن ۽ حسين رَضِیَ اللہُ عنہما آهن، اسان جي اولاد اسان جي پويان هوندي ۽ انهن جي پويان اسان جون ازواج هونديون. حضرت علي المرتضيٰ، شيرِ خدا رَضِیَ اللہُ عنہ عرض ڪيو: يارسولَ الله صَلَّی اللہُ عَلَیْہِ وَ آلِہٖ وَسَلَّم! اسان جو گروهه (يعني اسان سان محبت ڪرڻ وارا) ڪٿي هوندا؟ فرمايائون: تنهنجو گروهه تنهنجي پويان پويان جنت ۾ داخل ٿيندو.([1])
سُبْحٰنَ اللہ! پيارا اسلامي ڀائرو! ڇا ته شان آهي ...!! ٿورو تصور ته ڪريو! اُهو ڪيڏو نه حَسِين منظر هوندو اسان جي جان کان پيارا آقا، مڪي مدني مصطفيٰ صَلَّی اللہُ عَلَیْہِ وَ آلِہٖ وَسَلَّم، حضرت مولا علي رَضِیَ اللہُ عنہ ۽ حسنينِ ڪريمين رَضِیَ اللہُ عنہما گڏجي جنت ۾ داخل ٿي رهيا هوندا، انهن جي پٺيان پٺيان ساداتِ ڪرام هوندا ۽ الله پاڪ چاهيو ته اِنْ شَآءَ اللہُ الْکَرِيم! اسان عاشقانِ صحابه ۽ اَهلِ بيت به انهن جي پٺيان پٺيان جنت ۾ پهچي وينداسين.
باغِ جنّت میں مُحَمَّد مسکراتے جائیں گے
پُھول رحمت کے جھڑیں گے، ہم اُٹھاتے جائیں گے
الله پاڪ جي نيڪ ٻانهن ۾ هڪ نالو حضرت علي خوّاص رَحمۃُ اللہِ عَلَیْہ جو به آهي. پاڻ وڏا ڪامل ولي هئا ۽ ساداتِ ڪرام جي ادب تي تمام گهڻو زور ڏيندا هئا. فرمائن ٿا: ساداتِ ڪرام جي حقن مان هي حق به آهي ته اسان مٿن
BOOK TOPIC
©Copyright 2026 by I.T. Department of Dawat-e-Islami