Share this link via
Personality Websites!
اهلِ بيت سان محبت رکو.[1]
پيارا اسلامي ڀائرو! معلوم ٿيو ته صحابه ڪرام ۽ اَهلِ بيتِ پاڪ سان محبت رکڻ عشقِ رسول جو نتيجو آهي. مؤمن ٻانهي جي سڃاڻپ هيءَ آهي ته هُو الله پاڪ سان محبت ڪندو آهي ۽ الله پاڪ سان محبت ڪرڻ واري جي نشاني هي آهي ته هُو قرآن ڪريم سان محبت ڪندو آهي ۽ قرآن ڪريم سان محبت ڪرڻ واري جي سڃاڻپ هي آهي ته ان جي دل ۾ محبوبِ خدا، احمدِ مجتبيٰ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم جي محبت هوندي آهي ۽ جنهن دل ۾ محبتِ رسول موجود هوندي آهي، ان جي سڃاڻپ هيءَ آهي ته کيس صحابه ڪِرام سان به محبت هوندي آهي ۽ هُو اَهلِ بيتِ پاڪ سان به محبت ڪندو آهي. هي سڀئي تعلق ملائڻ جو نتيجو هي نڪتو ته صحابه ڪرام ۽ اَهلِ بيتِ پاڪ جي محبت مسلمان هجڻ جي نشاني آهي.
اَہْلِ سُنّت کا ہے بیڑا پار اَصْحابِ حُضُوْر نجم ہیں اور ناؤ ہے عِتْرت رسولُ اللہ کی ([2])
وضاحت: يعني اسان عاشقانِ رسول جو ٻيڙو اِنْ شَآءَ اللہُ الْکَرِيم! دنيا، قبر، قيامت ۽ پل صراط هر هنڌ پار ئي پار آهي، ڇو ته الله پاڪ جي فضل سان اسان هدايت جي ستارن يعني صحابهءِ ڪِرام عَلَيۡهِم الرِّضْوَان سان به محبت ڪندا آهيون ۽ فتنن جي طوفان کان بچائڻ واري ٻيڙي يعني اولادِ مصطفيٰ سان به محبت ڪندا آهيون.
عاشقانِ اهلِ بيت جو جنت ۾ داخلا جو منظر
امامِ عالي مقام، امام حسين رَضِیَ اللہُ عنہ کان روايت آهي: هڪ ڏينهن حضرت
BOOK TOPIC
©Copyright 2026 by I.T. Department of Dawat-e-Islami