Share this link via
Personality Websites!
منهنجي اولاد سان محبت ڪندو آهي. ([1])
فضلِ رَبّ سے دوجہاں میں کامیابی پائے گا دِل سے جو شیدا ہوا اَصْحاب و اَہْلِ بیت کا
اے خُدائے مصطفےٰ! ایمان پر ہو خاتمہ مغفرت کر! واسطہ اَصْحاب و اَہْلِ بیت کا
جینا مرنا اُن کی الفت میں ہو یارَبّ! اور ہو قرب جنّت میں عطا اَصْحاب و اَہْلِ بیت کا ([2])
صَلُّوْا عَلَی الْحَبیب! صَلَّی اللہُ عَلٰی مُحَمَّد
اهلِ بيت جي محبت بلند مرتبي تي پهچائي ڇڏيو
حضرت ابو نصر بِشر بن حارث حافي رَحمۃُ اللہِ عَلَیْہ فرمائن ٿا: مون کي هڪ ڀيري خواب ۾ حضور نبيِءِ رحمت، شفيعِ اُمت صَلَّی اللہُ عَلَیْہِ وَ آلِہٖ وَ سَلَّم جي زيارت نصيب ٿي. پاڻ ڪريم صَلَّی اللہُ عَلَیْہِ وَ آلِہٖ وَ سَلَّم مون کي ارشاد فرمايو: اي بِشر! ڇا تون ڄاڻين ٿو ته الله پاڪ توکي تنهنجي زماني جي اوليائن کان وڌيڪ بلند مرتبو ڇو عطا فرمايو آهي؟ مون عرض ڪيو: يارسولَ الله صَلَّی اللہُ عَلَیْہِ وَ آلِہٖ وَ سَلَّم! مان نه ٿو ڄاڻان. جنهن تي پاڻ صَلَّی اللہُ عَلَیْہِ وَ آلِہٖ وَ سَلَّم ارشاد فرمايو: ان ڪري جو تون * منهنجي سنت جي پيروي ڪندو آهين * نيڪ ماڻهن جي خدمت ڪندو آهين * پنهنجن مسلمان ڀائرن جي خيرخواهي (يعني کين نصيحت) ڪندو آهين * ۽ (سڀ کان وڌيڪ اهم ڳالهه) منهنجي صحابه ڪرام ۽ منهنجي اَهلِ بيتِ اطهار (رَضِیَ اللہُ عنہم) سان محبت ڪندو آهين. اِهي ئي اُهي سبب آهن جن توکي نيڪ ماڻهن جي درجن تائين پهچائي ڇڏيو آهي۔ ([3])
BOOK TOPIC
©Copyright 2026 by I.T. Department of Dawat-e-Islami