Share this link via
Personality Websites!
هي ڄڻ ته الله جو محبوبِ بڻجڻ جو نصاب بيان ڪيو پيو وڃي، ٻانهو فرض پورا ڪري ان سان گڏوگڏ نفلن جي به ڪثرت ڪري،. پنج نمازون ته پڙهندو آهي، تهجد به پڙهي، اشراق ۽ چاشت به پڙهي، اوابين جا نفل به پڙهي * رمضان جا روزا ته رکندو آهي، ان سان گڏ نفلي روزا به رکي * فرض حج ته ڪري چڪو، هاڻي جيڪڏهن توفيق ملي ته نفلي حج به ڪندو رهي * زڪوات ته ڏيندو آهي، گڏوگڏ نفلي صدقا به ڏيندو رهي * پنهنجي اولاد، ماءُ پيءُ وغيره جن جو خرچ کڻڻ فرض آهي، انهن تي خرچ ته ڪري، پر ساڳئي وقت ٻين جي خيرخواهي به ڪندو رهي. اهڙيءَ طرح جڏهن ٻانهو فرضن ۽ نوافل جي ڪثرت ڪندو رهندو آهي، ڪندو رهندو آهي، سالن تائين استقامت سان ھن طريقي تي عمل ڪندو رهندو آهي، تڏهن ئي کيس وڃي اِهو رتبو حاصل ٿيندو آهي جو الله پاڪ پنهنجي فضل ۽ ڪرم سان ان کي پنهنجو محبوب بڻائي ڇڏيندو آهي.
پر قربان وڃجي! پياري آقا، مڪي مدني مصطفيٰ صَلَّی اللہُ عَلَیْہِ وَ آلِہٖ وَ سَلَّم جي اَهلِ بيت تان! ته اُهو تاثير جيڪو الله پاڪ فرضن ۽ نفلن جي ادائيگي ۾ رکيو آهي، ساڳيو ئي تاثير اَهل بيتِ پاڪ جي محبت ۾ به رکيو آهي ته جيڪو انهن سان محبت ڪندو آهي، الله پاڪ ان کي پنهنجو محبوب بڻائي ڇڏيندو آهي.
شيخ اَمان پاني پتي رَحمۃُ اللہِ عَلَیْہ هڪ نيڪ بزرگ ٿي گذريا آهن. پاڻ فرمائن ٿا: منهنجي نظر ۾ درويشي ٻن شين جو نالو آهي: (1): حُسنِ اخلاق (2):
BOOK TOPIC
©Copyright 2026 by I.T. Department of Dawat-e-Islami