Share this link via
Personality Websites!
کي به پنهنجو محبوب بڻائي ڇڏ.[1]
سُبْحٰنَ اللہ! هي اَهلِ بيت جي محبت جو تاثير آهي. الله پاڪ هر شيءِ ۾ هڪ تاثير رکيو آهي: * پاڻي جو تاثير ٿڌو هوندو آهي* ماني جو تاثير گرم هوندو آهي * کير جو تاثير سرد تر هوندو آهي * بادام جو تاثير گرم تر هوندو آهي * باهه ساڙيندي آهي * پاڻي باهه وِسائيندو آهي. هر شيءِ جو هڪ تاثير آهي، اهڙيءَ طرح اَهل بيتِ پاڪ جي خاصيتن مان هڪ وڏي خاصيت هيءَ به آهي ته انهن جي محبت انسان کي الله پاڪ جو محبوب بڻائي ڇڏيندي آهي.
بخاري شريف ۾ حديثِ قدسي آهي، الله پاڪ فرمائي ٿو: منهنجو قرب حاصل ڪرڻ جو سڀ کان بهترين ذريعو فرضن جي ادائيگي آهي.
يعني ٻانهو نمازون پڙهي، روزا رکي، ماءُ پيءُ جي خدمت ڪري، وياج جي ڏيتي ليتي کان بچي، حلال کائي، حرام ڏانهن اک به نه کڻي، ۽ جيڪي به فرض آهن، سڀ پورا ڪري. ان طريقي سان ٻانهي کي الله پاڪ جو قرب حاصل ٿيندو آهي.
وڌيڪ فرمايو ويو: ٻانهو نفلن جي ذريعي مسلسل منهنجو قرب حاصل ڪندو رهندو آهي، ڪندو رهندو آهي، حَتّٰی اَحْبَبْتُہٗ، ايسيتائين جو مان ان ٻانهي کي پنهنجو محبوب بڻائي ڇڏيندو آهيان.[2]
BOOK TOPIC
©Copyright 2026 by I.T. Department of Dawat-e-Islami