Share this link via
Personality Websites!
هئا.سُبْحٰنَ اللہ!
جڏهن امام حسين هنج ۾ ويٺا هئا ...!!
اسان وٽ ڪڏهن ڪڏهن ٻارن سان فزيڪل اٽيچمينٽ ۾ پاڪائي به رڪاوٽ بڻجي ويندي آهي. يعني ٻار ڪجهه ڪري ڇڏيندو، ڪپڙا ناپاڪ ٿي ويندا، ان ڪري ٻارن کي کڻڻ ۾ جهجڪ محسوس ٿيندي آهي.
مان اوهان کي هڪ روايت ٻڌايان ٿو. هڪ ڀيري پيارا آقا، مڪي مدني مصطفيٰ صَلَّی اللہُ عَلَیْہِ وَ آلِہٖ وَ سَلَّم صحابه ڪرام رَضِیَ اللہُ عنہم سان گڏ تشريف فرما هئا، ايتري ۾ امامِ حسين رَضِیَ اللہُ عنہ تشريف کڻي آيا ۽ نانا جان سان کيڏڻ ۽ محبت ڪرڻ لڳا، کيڏندي کيڏندي پاڻ نانا جان صَلَّی اللہُ عَلَیْہِ وَ آلِہٖ وَ سَلَّم جي سيني پاڪ تي چڙهي ويا.
هاڻي انهيءَ حالت ۾ ننڍڙي شهزادي کي جيڪو ڪرڻو هو، سو ڪري ڇڏيائون. صحابه فرمائن ٿا: اسان پاڻ سڳورن ڏانهن وڌياسين ته جيئن ننڍڙي شهزادي کي کڻي وٺون، پر پاڻ صَلَّی اللہُ عَلَیْہِ وَ آلِہٖ وَ سَلَّم فرمايو: اِبْنِيْ اِبْنِيْ يعني منهنجي پٽ کي ڇڏي ڏيو...!! جتي آهي، ائين ئي رهڻ ڏيو...!!
ايسيتائين جو جڏهن ننڍڙا شهزادا پنهنجي حاجت کان فارغ ٿي ويا، تڏهن پاڻ صَلَّی اللہُ عَلَیْہِ وَ آلِہٖ وَ سَلَّم پاڻي گهرايو ۽ پنهنجو لباسِ مقدس ڌوئي ورتو.[1]
نماز جي دوران به دِلجوئي لازم آهي
سُبْحٰنَ اللہ! توهان ڏسو! پيارا آقا صَلَّی اللہُ عَلَیْہِ وَ آلِہٖ وَ سَلَّم پنهنجن ڏوهٽن سان ڪيتري گهري اٽيچمينٽ (Deep attachment) رکندا هئا. اسان کي به ان مان سبق سکڻ گهرجي ۽ پنهنجي اولاد سان فزيڪل اٽيچمينٽ رکڻ گهرجي. سيدي اعليٰ
BOOK TOPIC
©Copyright 2026 by I.T. Department of Dawat-e-Islami