Share this link via
Personality Websites!
تفسير صاوي ۾ آهي: جيڪو توبه نٿو ڪري، ڪفر ۽ گناهن تي قائم رهي ٿو، اهو خوف ۽ بيماريءَ ۾ مبتلا رهندو، کيس الله پاڪ جي ناراضگيءَ جو به سامنو ڪرڻو پوندو توڙي جو مٿس دنيا جون لذتون وسيع ٿي وڃن، اهڙي عيش ۽ دنيا جي لذتن ۾ ڪابه ڀلائي ناهي، جنهن کان پوءِ جهنم هجي.[1]
گناهن کان توبه ڪرڻ جو ذهن بڻائڻ جي لاءِ
* توبه جا فضائل ۽ فائدا ذهن ۾ رکو * گناهه ڪرڻ جي وعيدن ۽ عذابن جو مطالعو ڪريو * موت کي ڪثرت سان ياد ڪريو * قيامت جي ڏينهن ٿيندڙ حساب کي ياد ڪريو! غور ڪريو! جيڪڏهن اڄ گناهن کان توبه نه ڪئي، قيامت جي هوش اڏائيندڙ منظر ۾ جڏهن سج باهه وسائي رهيو هوندو، زمين تانبي جي هوندي، هر ڪنهن کي پنهنجي پنهنجي پيل هوندي، اهڙي عالم ۾ الله پاڪ جي بارگاهه ۾ گناهن جو حساب ڪيئن ڏئي سگهنداسين * مايوسي ڇڏيو ۽ الله پاڪ جي رحمت تي ڀروسو رکو! ڪڏهن ڪڏهن شيطان الله پاڪ جي رحمت مان مايوس ڪري ڇڏيندو آهي، وسوسا وجهندو آهي ته ايترا گناهه ڪيا اٿئي يا ايترا مرتبا توبه ڪري چڪو آهين، هاڻي توبه قبول نه ٿيندي، ياد رکو! الله پاڪ جي رحمت مان مايوس ٿيڻ حرام ۽ ڪبيره گناهه آهي، الله پاڪ جي رحمت تمام وسيع آهي، هو توبه قبول فرمائيندڙ آهي. حديث پاڪ ۾ آهي: توهان جون خطائون (گناهه) آسمان تي پهچي وڃن، پوءِ توهان توبه ڪريو ته الله پاڪ توهان جي توبه قبول فرمائي وٺندو.[2] * دل ۾ خوف وڌايو! ياد رهي ته الله پاڪ جي رحمت جي وسعت کي ڏسي بي باڪ ۽ دلير نه ٿيڻ گهرجي ۽ نه ئي الله پاڪ جي عذاب جي شدت کي ڏسي سندس رحمت مان مايوس ٿيڻ گهرجي! بلڪه اميد ۽ خوف جي وچ ۾ ئي رهڻ گهرجي.
پيارا اسلامي ڀائرو! اڄ اسان نيڪ عمل نمبر: 28 مطابق گناه ٿي وڃڻ تيفوراًتوبه ڪرڻ جي موضوع تي تمام مفيد معلومات حاصل ڪئي! الله پاڪ عمل جي
BOOK TOPIC
©Copyright 2026 by I.T. Department of Dawat-e-Islami