Share this link via
Personality Websites!
چوڻ) حرام آهي.[1]
* توبه ڪرڻ واري کي الله پاڪ محبوب رکندو آهي (يعني پنهنجو پيارو بڻائي ٿو) * توبه ڪرڻ عين عبادت آهي * توبه ڪرڻ سان ئي ڪاميابي ملندي آهي * توبه الله پاڪ جي رحمت حاصل ڪرڻ جو ذريعو آهي * توبه گناهن کي مٽائيندي آهي ۽ دل جو زنگ دور ڪندي آهي. آخري نبي صَلَّى اللهُ عَلَيهِ وَ آلِہٖ وَسَلَّم جا 2 فرامينِ عاليشان: (1) توبه ڪرڻ وارو اهڙو آهي، ڄڻ ته هن ڪو گناهه ڪيو ئي ناهي[2]. ٻانهو جڏهن گناهه ڪندو آهي ته سندس دل تي هڪ ڪارو نقطو لڳي ويندو آهي، پوءِ جيڪڏهن هو توبه ڪري وٺي ته اهو نقطو مٽايو ويندو آهي[3]. * سچي توبه سان عمر وڌندي آهي ۽ رزق ۾ اضافو ٿيندو آهي * استغفار سان تنگي ۽ غم دور ٿيندا آهن. حديثِ پاڪ ۾ آهي: جيڪو ماڻهو هميشه استغفار ڪندو آهي، الله پاڪ ان جي لاءِ هر تنگي مان نڪرڻ جو رستو بڻائيندو آهي، کيس هر فڪر ۽ غم کان نجات عطا فرمائيندو آهي ۽ کيس اهڙي جاءِ تان رزق ڏيندو آهي جتان سندس وهم ۽ گمان به نه هوندو آهي.[4]
توبه نه ڪرڻ ۽ گناه پر ڄميل رهڻ جا نقصان
* گناهه تي ڄمي بيهڻ شيطاني طريقو آهي. * گناهه تي بضد رهڻ ظلم آهي. * گناهه تي اڙڻ جهنم ۾ وٺي وڃڻ وارو ڪم آهي. * گناهه تي قائم رهڻ جي ڪري نيڪين جي توفيق ناهي ملندي ۽ نه ئي عبادت ۾ لذت نصيب ٿيندي آهي. * گناهه تي قائم رهڻ يعني توبه جي توفيق نه ملڻ به عذاب جي هڪ صورت آهي. * گناهه تي اڙڻ الله پاڪ جي ناراضگي جو سبب آهي.
BOOK TOPIC
©Copyright 2026 by I.T. Department of Dawat-e-Islami