Share this link via
Personality Websites!
الله پاڪ فرمايو:
فَاِنَّهٗ كَانَ لِلْاَوَّابِیْنَ غَفُوْرًا(۲۵) (پارہ:15،بنی اسرائیل :25)
ترجموڪنزالعرفان: ته بيشڪ اهو توبه ڪرڻ وارن کي بخشڻ وارو آهي
تابعي بزرگ حضرت سعيد بن مسيب رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه فرمائي ٿو: هن آيت ۾ اوّاب (توبه ڪندڙ) مان مراد اهو شخص آهي جنهن کان گناهه ٿئي، پوءِ توبه ڪري، ٻيهر گناهه ٿئي، پوءِ ٻيهر توبه ڪري.
فرمانِ مصطفيٰ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم
كُلُّ بَنِي آدَمَ خَطَّاءٌ،وَخَيْرُ الْخَطَّائِينَ التَّوَّابُونَ
ترجمو: هر انسان سان خطا ٿي ويندي آهي ۽ بهترين خطاڪار اهو آهي جيڪو توبه ڪري وٺي.[1]
(1) جڏهن به گناهه ٿئي، ان گناهه تان فوراً توبه ڪرڻ واجب آهي.[2] (2) جهڙو گناهه ٿيو هجي، توبه به اهڙي ئي ڪرڻ ضروري آهي. لڪيل (پوشيده) گناهه جي توبه لڪي ڪري ۽ ظاهر (علانيه) گناهه جي توبه ظاهر ٿيڻ گهرجي. جيڪڏهن مجمع ۾ ماڻهن جي سامهون گناهه ڪيائين ته توبه به مجمع ۾ ئي ڪرڻي پوندي.[3] (3) توبه ڪرڻ وقت اڳتي گناهه نه ڪرڻ جو پڪو ارادو هجي، جيڪڏهن توبه ڪندي دل ۾ ٻيهر گناهه ڪرڻ جو ارادو هجي ته اها توبه ئي نه ٿي، بلڪه معاذ الله! اسلام جو مذاق آهي.[4] (4) گناهه کان توبه ڪندڙ کي ان گناهه جو مهڻو يا عيب لڳائڻ (مثال طور جنهن وياج کان توبه ڪئي هجي، تنهن کي وياج خور
BOOK TOPIC
©Copyright 2026 by I.T. Department of Dawat-e-Islami