Share this link via
Personality Websites!
مان نيڪ عمل نمبر 28 جي باري ۾ معلومات حاصل ڪنداسين.
ڇا اڄ اوهان، معاذالله! گناهه ٿي وڃڻ جي صورت ۾ فوراً توبه ڪئي؟
گناهه کي الله پاڪ جي نافرماني سمجھي، ان تي نادم ۽ شرمندو ٿيندي فوراً ڇڏي ڏيڻ، پوءِ آئنده ڪڏهن به گناهه نه ڪرڻ جو پختو ارادو ڪرڻ ۽ ان جي تلافي ڪرڻ (يعني جيڪا ڪمي ٿي، سا پوري ڪرڻ)، توبه آهي.[1]
وضاحت: توبه جون 3 شرطون آهن: (1) گناهه تي ندامت ۽ شرمندگي ٿيڻ: (2) ان گناهه کي ڇڏي ڏيڻ (3) آئنده ان گناهه کي نه ڪرڻ جو پڪو ارادو ڪرڻ. جيڪڏهن ڪا به هڪ شرط نه لڌي وئي ته توبهه صحيح نه ٿيندي.[2]
پيارا اسلامي ڀائرو! گناهه 3 طرح جا آهن: (1) الله پاڪ ۽ ٻانهي جي وچ ۾ ٿيندڙ اهڙا گناهه جن جي تلافي نٿي ٿي سگهي، جهڙوڪ شراب پيئڻ، گانا باجا ڳائڻ، ٻڌڻ وغيره. اهڙي قسم جي گناهن کان ذڪر ڪيل 3 شرطن سان توبه ڪرڻ لازم آهي. (2) حقوق الله سان واسطو رکندڙ اهڙا گناهه جن جي تلافي ڪرڻ لازم هوندي آهي، اهڙن گناهن کان توبه ڪرڻ سان گڏوگڏ تلافي ڪرڻ به ضروري آهي، نه ته توبه صحيح ناهي. مثال طور: * نمازون يا روزا رهجي ويا هجن ته قضا ڪرڻ * گذريل سالن جي زڪوات جيڪا اڳ ۾ ادا نه ڪئي هجي، حساب ڪري ڪڍڻ. (3) حقوق العباد سان واسطو رکندڙ گناهه. اهڙن گناهن کان توبه ڪرڻ ۾ اها ڳالهه به لازمي آهي ته جيڪي حق ضايع ڪيا اٿس انهن جي ادائيگي ڪري، مثال طور: جنهن جو حق ماريو اٿس، ان جو حق ادا ڪري يا معاف ڪرائي. جهڙوڪ ڪنهن جو مال ڦريو هجي يا وياج، چوري، رشوت وغيره ۾ ورتو هجي ته جنهن جو اهو مال آهي ان کي واپس ڪري * ڪنهن تي ظلم ڪيو، ٿڦڙ وهائي ته معاف ڪرائي يا بدلو ڏئي وغيره.[3]
BOOK TOPIC
©Copyright 2026 by I.T. Department of Dawat-e-Islami