Share this link via
Personality Websites!
سُبْحٰنَ اللہ! پيارا اسلامي ڀائرو! هي آهي شانِ ايمانِ صديق ۽ شانِ ايمانِ فاروق رضي الله عنهما...! صحابهءِ ڪرام عَلَيۡهِم الرِّضْوَان سوال ڪيو هو، رسولِ اڪرم، نورِ مُجسم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم جي فرمان کي سمجهڻ چاهيو ٿئي، پياري نبي، رسولِ هاشمي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم جن ان جو جواب ڇا ڏنو؟ پاڻ سڳورن صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم صديق ۽ فاروق جي ايمان کي بطورِ گواهه بيان ڪري ڇڏيو ته جڏهن مان رسولِ خدا ٿي ڪري ان تي ايمان رکان ٿو، ابوبڪر صديق ٿي ڪري ايمان رکن ٿا، عمر فاروق ٿي ڪري ايمان رکن ٿا ته يقينن ڳالهه ائين ئي آهي، جيئن مون چئي آهي. علامه ابن حجر رحمةُ الله عليه فرمائن ٿا: (پياري آقا، مديني واري مصطفيٰ صَلَّى اللّٰہُ عَلَيْهِ وَ آلِہٖ وَسَلَّم جن صحابهءِ ڪرام رَضِیَ اللہُ عَنۡهم جي تعجب جي جواب ۾ صديقِ اڪبر ۽ فاروقِ اعظم رَضِیَ اللہُ عَنۡهما جي ايمان کي بطورِ شهادت ذڪر ڪيو، اهو ان ڪري جو) صديق ۽ فاروق جو ايمان تمام ڪامل ۽ يقين نهايت پختو آهي.[1]
بخاري ۽ مسلم جي حديثِ پاڪ آهي، صحابيءِ رسول حضرت ابوسعيد خُدري رضي الله عنه کان روايت آهي، ته الله پاڪ جي آخري نبي، رسولِ هاشمي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم جن فرمايو: مون خواب ڏٺو، مون تي ماڻهو پيش ڪيا ويا، انهن قميصون پائي رکيون هيون، ڪنهن جي قميص سيني تائين هئي، ڪنهن جي ان کان به گهٽ (۽ هڪ روايت ۾ آهي: ڪنهن جي قميص سيني تائين، ڪنهن جي دُن تائين، ڪنهن جي گوڏن تائين، ڪنهن جي اڌ پِنيءَ
[1]... فتح الباری،کتاب فضائل اصحاب النبی ،باب قول النبی لو کنت ...الخ،جلد:7،صفحہ:35 ،تحت الحدیث:3663 ۔
BOOK TOPIC
©Copyright 2026 by I.T. Department of Dawat-e-Islami