Share this link via
Personality Websites!
ڇا ڳئون به ڳالهائيندي آهي؟ پياري آقا، مڪي مدني مصطفيٰ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم صحابهءِ ڪرام جي ان تعجب جي جواب ۾ فرمايو: فَاِنِّیْ اُوْمِنُ بِہٰذَا، اَنَا وَ اَبُوْبَکْرٍ وَ عُمَر (يعني ڳئون ڳالهائيندي ناهي پر الله پاڪ چاهي ته ڳئون کي ڳالهائڻ جي طاقت عطاء فرمائي سهگي ٿو ۽) هن ڳالھ تي مون به ايمان آندو، ابوبڪر به ايمان آندو ۽ عمر فاروق به ان جي تصديق ڪئي.
پوءِ پياري آقا، مڪي مدني مصطفيٰ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم هڪ ٻيو واقعو بيان ڪيو، فرمايائون: هڪ ڌنار (Shepherd)پنهنجي ٻڪرين جي سنڀال ڪري رهيو هو ته اوچتو هڪ بگهڙ (Wolf) ٻڪرين تي حملو ڪيو ۽ هڪ ٻڪري (Goat) کڻي ويو. ڌنار ان بگهڙ جي پويان ڊوڙيو ۽ نيٺ ان کان ٻڪري ڇڏائي ورتائين. جڏهن ان بگهڙ کان ٻڪري ڇڏائي ته بگهڙ ڌنار ڏانهن متوجهه ٿيو ۽ چيائين: اي ڌنار! ٿورو ٻڌاءِ! جڏهن وحشي جانورن (Beasts) جو ڏينهن ايندو، ان ڏينهن انهن ٻڪرين جي حفاظت ڪير ڪندو...! ان تي به صحابهءِ ڪرام عَلَيۡهِم الرِّضْوَان تعجب مان چيو: سُبْحٰنَ اللہ! ڇا بگهڙ به ڳالهائيندو آهي؟ پياري نبي، رسولِ هاشمي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم وري اهو ئي جواب ڏنو، فرمايائون: فَاِنِّیْ اُوْمِنُ بِہٰذَا، اَنَا وَ اَبُوْبَکْرٍ وَ عُمَر (يعني بگهڙ ڳالهائيندو ناهي پر جيڪڏهن الله پاڪ چاهي ته ان کي ڳالهائڻ جي طاقت عطا ڪري سگهي ٿو ۽) هن ڳالھ تي مون به ايمان آندو، ابوبڪر به ايمان آندو ۽ عمر فاروق به ان جي تصديق ڪئي. [1]
BOOK TOPIC
©Copyright 2026 by I.T. Department of Dawat-e-Islami