Share this link via
Personality Websites!
پيارا اسلامي ڀائرو! قرآنِ ڪريم جون تقريبن 20 آيتون اهڙيون آهن جيڪي حضرت فاروقِ اعظم رَضِىَ اللهُ عَنْهُ جي شان ۾ نازل ٿيون. انهن مان ئي هڪ آيتِ ڪريمه جيڪا اسان شروعات ۾ ٻڌڻ جي سعادت حاصل ڪئي، سيپارو 25، سورةُ الجاثية جي آيت 14 آهي. الله پاڪ فرمائي ٿو:
قُلْ
ترجمو ڪنزُ العرفان: تون فرماءِ. (سيپارو: 25، الجاثيه: 14)
ڪنهن کي چوڻو آهي؟
لِّلَّذِیْنَ اٰمَنُوْا
ترجموڪنزُالعرفان: جن ايمان آندو. (سيپارو: 25، الجاثية: 14)
هتي ايمان وارن مان مراد مسلمانن جا ٻيان خليفا حضرت فاروقِ اعظم رَضِىَ اللهُ عَنْهُ آهن.[1] ڄڻ ارشاد ٿي رهيو آهي: اي پيارا محبوب صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم! پنهنجي پياري صحابي حضرت فاروقِ اعظم رَضِىَ اللهُ عَنْهُ کي فرمائي ڇڏيو! ڇا فرمائڻو آهي؟
یَغْفِرُوْا لِلَّذِیْنَ لَا یَرْجُوْنَ اَیَّامَ اللّٰهِ
ترجموڪنزُالعرفان: (ته) انهن ماڻهن کان درگذر ڪن
جيڪي الله جي ڏينهن جي اميد نٿا رکن. (سيپارو: 25، الجاثية: 14)
BOOK TOPIC
©Copyright 2026 by I.T. Department of Dawat-e-Islami