Share this link via
Personality Websites!
پرهيزگاري * عاجزي ۽ انڪساري * زهد * ۽ رحم دلي وغيره قيامت تائين ايندڙ مسلمانن لاءِ زندگيءَ جو بهترين نمونو آهن.
فاروقِ اعظم رَضِىَ اللهُ عَنْهُ سان نرالي محبت
صحابيءِ رسول حضرت عبدالله بن مَسعود رَضِىَ اللهُ عَنْهُ فرمائن ٿا: * جڏهن به نيڪ ماڻهن جو ذڪر ٿئي ته اميرُالمؤمنين، حضرت عمر فاروقِ اعظم رَضِىَ اللهُ عَنْهُ جو ذڪر ڪرڻ ۾ جلدي ڪيو! * بيشڪ حضرت عمر فاروق رَضِىَ اللهُ عَنْهُ جو اسلام قبول ڪرڻ هڪ مدد هئي. * بيشڪ حضرت عمر فاروق رَضِىَ اللهُ عَنْهُ جو خليفو بڻجڻ فتوحات (يعني ڪاميابين) جو ذريعو هو. * الله پاڪ جو قَسم! جڏهن حضرت عمر رَضِىَ اللهُ عَنْهُ شهيد ٿيا، ته دنيا جي هر شيءِ، ايتري تائين جو وڻن کي به ان جو ڏک ٿيو. * الله پاڪ جو قسم! مان سمجهان ٿو ته حضرت عمر رَضِىَ اللهُ عَنْهُ جي ٻنهي اکين جي وچ ۾ هڪ ملائڪ هو جيڪو کين قوت ڏيندو هو ۽ هدايت ڪندو هو. * الله پاڪ جو قَسم! جيڪڏهن مون کي خبر پئجي وڃي ته ڪو ڪتو حضرت فاروقِ اعظم رَضِىَ اللهُ عَنْهُ سان محبت ڪري ٿو ته مان ضرور ان ڪتي سان به محبت ڪندُس.[1]
بہارِ باغِ ایماں حضرتِ فاروقِ اعظم ہیں چراغِ بزمِ عِرفاں حضرت فاروقِ اعظم ہیں
رسول اللہ نے فاروق کو اللہ سے مانگا عطاءِ رَبِّ سُبحاں حضرت فاروقِ اعظم ہیں
نہ کیوں وہ ذات چمکے، جس نے دینِ پاک چمکایا جہاں کے مہرِ تاباں حضرت فاروقِ اعظم ہیں([2])
صَلُّوْا عَلَی الْحَبیب! صَلَّی اللّٰہُ عَلٰی مُحَمَّد
BOOK TOPIC
©Copyright 2026 by I.T. Department of Dawat-e-Islami