Share this link via
Personality Websites!
حضرت سعيد بن مُسَيَّب رحمةُ الله عليه فرمائن ٿا: هڪ ڏينهن اسان حضرت فاروقِ اعظم رَضِیَ اللہُ عَنۡہ جي خدمت ۾ حاضر هئاسين، قاريءَ هيءَ آيتِ ڪريمه تلاوت ڪئي، ان کي ٻڌي ڪري امير المؤمنين رَضِیَ اللہُ عَنۡہ فرمايو: لِیَجْزِیَ عُمَرَ بِمَا صَنَعَ يعني آيت جي معنيٰ هيءَ آهي ته الله پاڪ عمر کي ان جي عملن جي جزا ڏيندو. [1]
پيارا اسلامي ڀائرو! اها جزا ڇا هوندي جيڪا حضرت فاروقِ اعظم رَضِیَ اللہُ عَنۡہ کي ڏني ويندي، ان حوالي سان هڪ روايت ٻڌو! حضرت عبدالله بن عباس رضي الله عنهما کان روايت آهي ته قيامت جي ڏينهن جڏهن حضرت عمر فاروقِ اعظم رَضِیَ اللہُ عَنۡہ الله پاڪ جي بارگاهه ۾ حاضر ٿيندا، ان وقت اسلام (جسماني صورت ۾ ايندو ۽) عرض ڪندو: يَا رَبِّ هٰذَا عُمَرُ اَعَزَّنِيْ فِيْ دَارِ الدُّنْيَا فَاَعِزْهُ فِيْ عَرَصَاتِ الْقِيَامَةِ يعني يا رب! هي عمر آهن، انهن دنيا ۾ منهنجي عزت بلند ڪئي، اڄ ميدانِ قيامت ۾ تون کين عزت عطا فرماءِ.
ان سان گڏ ئي حضرت عمر فاروق رَضِیَ اللہُ عَنۡہ کي 2 جُبا پارايا ويندا، جن جي خوشبو اهڙي هوندي جو جيڪڏهن انهن مان هڪ به دنيا ۾ کولي ڇڏجي ته سڄي دنيا ان جي خوشبوءِ سان مهڪي وڃي. حضرت عمر فاروقِ اعظم رَضِىَ اللهُ عَنْهُ کي نوراني ڏاچيءَ تي ويهاريو ويندو، انهن جي اڳيان 70 هزار جهنڊا
BOOK TOPIC
©Copyright 2026 by I.T. Department of Dawat-e-Islami