Share this link via
Personality Websites!
سبحان الله! معاف ڪرڻ واري کي معافي ملندي آهي، تنهنڪري اسان معاف ڪرڻ کي اپنايون* گهر ۾ * ٻاهر دوستن ۾ هر جڳھ معاف ڪرڻ کي اپنايون * زال کان غلطي ٿي وڃي، معاف ڪري ڇڏيو! * ٻارَ غلطي ڪري ويهن، انهن جي تربيت ڪريو! پر معاف به ڪري ڇڏيو! * ننڍي ڀاءَ کان، ڀيڻ کان ڪا غلطي ٿي وڃي، معاف ڪري ڇڏيو! * رستي تي هلندي، ڪو اسان سان ٽڪرائجي وڃي، معاف ڪري ڇڏيو! مطلب ته روزانو ڪيتريون ئي ڳالهيون اسان جي مزاج جي خلاف ٿينديون رهنديون آهن، معاف ڪرڻ جي عادت بڻايو! اِنْ شَآءَ اللہُ الْکَرِیْم! ثواب به ملندو ۽ آخرت ۾ ڇوٽڪاري جي صورت به بڻجڻ جي تمام گهڻي اميد آهي. الله پاڪ اسان کي عمل جي توفيق نصيب فرمائي. اٰمِیْنْ بِجَاہِ خاتَمِ النَّبِیّٖن صلَّی اللہُ عَلَیْہ ِوَاٰلِہٖ وَسَلَّمَ
پيارا اسلامي ڀائرو! آيتِ ڪريمه ۾ حضرت فاروقِ اعظم رَضِیَ اللہُ عَنۡہ جو شان بيان ٿيو ته
لِیَجْزِیَ قَوْمًۢا بِمَا كَانُوْا یَكْسِبُوْنَ(۱۴)
ترجمو ڪنزُ العرفان: ته جيئن الله هڪ قوم
کي انهن جي ڪمائي جو بدلو ڏي. (سيپارو: 25، الجاثيه: 14)
هڪ قول موجب هيءُ به حضرت فاروقِ اعظم رَضِیَ اللہُ عَنۡہ جو شان آهي، کين فرمايو ويو: اي فاروق! توهان معاف ڪندا ڪريو! الله پاڪ توهان جي عملن جي جزا ڏيندو. [1]
BOOK TOPIC
©Copyright 2026 by I.T. Department of Dawat-e-Islami