Share this link via
Personality Websites!
فاروقِ اعظم غير مسلم کي معاف ڪري ڇڏيو:
کين اهو حڪم ڪڏهن ڏنو ويو هو، ان حوالي سان حضرت عبدالله بن عباس رضي الله عنه فرمائن ٿا: هجرتِ مدينه کان پهريان جي ڳالهه آهي ته هڪ ڀيرو هڪ غير مسلم حضرت فاروقِ اعظم رَضِىَ اللهُ عَنْهُ کي گار ڏني. هاڻي حضرت فاروقِ اعظم رَضِیَ اللہُ عَنۡہ ته ماشَآءَاللہ! تمام بهادر هئا، سندن هڪ رعب هو، پاڻ چاهيو ته ان غير مسلم کي پڪڙيو، اڃا پاڻ اهو ارادو ڪيو ئي هو ته هيءَ آيتِ ڪريمه نازل ٿي وئي، الله پاڪ کين حڪم ڏنو ته ان غير مسلم کي معاف ڪري ڇڏيو، الله پاڪ پاڻ ان کي سزا ڏيندو. پوءِ حضرت فاروقِ اعظم رَضِىَ اللهُ عَنْهُ حڪم مڃيو ۽ ان غير مسلم کي معاف ڪري ڇڏيائون. [1]
سُبْحٰنَ اللہ! پيارا اسلامي ڀائرو! ڪهڙو ته شان آهي فاروقِ اعظم رَضِىَ اللهُ عَنْهُ جو...! کين معاف ڪرڻ جو حڪم ڏنو ويو ته پاڻ فوري طور تي ان وصف کي اپنائي ورتو. پوءِ ائين ناهي ته صرف ان ئي موقعي تي پاڻ معاف ڪيائون، بلڪه مستقل طور تي معاف ڪرڻ کي پنهنجي عادت بڻائي ورتائون.
حضرت فاروقِ اعظم رَضِىَ اللهُ عَنْهُ جي خلافت جو دور هو، هڪ ڀيري هڪ شخص ڪو ڏوهه ڪيو، ان کي حضرت عمر فاروقِ اعظم رَضِیَ اللہُ عَنۡہ جي
BOOK TOPIC
©Copyright 2026 by I.T. Department of Dawat-e-Islami