Share this link via
Personality Websites!
مزاج جي خلاف ڳالهه ٿئي ته * ڪاوڙ مان ڳاڙها ٿي ويندا آهن * رڙيون به ڪندا هوندا * مزاج جي خلاف ڳالھ ڏسي ڪري محفلون به ڇڏي ويندا آهن * شادي مرادي وغيره ۾ مائٽن جي طرفان ڪا اهڙي ڳالھ ٿي پوي ته رشتيداري ٽوڙي ڇڏيندا آهن * جهيڙو جهڳڙو به ڪري وٺندا آهن * چڱي ڀلي خوشين ڀري ماحول کي غمگين به ڪري ڇڏيندا آهن، ڪيتري بُري ڳالھ آهي پر گهڻو افسوس ته تڏهن ٿيندو آهي جو * انهن ماڻهن جي سامهون دين جي خلاف ورزي ٿيندي آهي ته کين ڪجهه به بُرو ناهي لڳندو. * ڪڏهن ڪڏهن پاڻ به نمازون ناهن پڙهندا تڏهن به ڏک ناهي ٿيندو * گهر وارا نماز ناهن پڙهندا، انهن کي ڪجهه به بُرو ناهي لڳندو. * شاديءَ وغيره ۾ گانا وڄندا آهن گناھن ڀريا ڪم ٿي رهيا هوندا آهن پر کين ڪا شڪايت ناهي هوندي...!! مطلب ته هي انداز ٿيندا پيا وڃن ته ماڻهو پنهنجي مزاج کي ڏسندا آهن، دين جو فڪر ناهن ڪندا. الله پاڪ فاروقِ اعظم رَضِیَ اللہُ عَنۡہ جي صدقي اسان کي دين تي مضبوطي نصيب فرمائي. ڪاش! اسان جو معيار مزاج نه پر دين بڻجي وڃي.
اٰمِیْنْ بِجَاہِ خاتَمِ النَّبِیّٖن صلَّی اللہُ عَلَیْہ ِوَاٰلِہٖ وَسَلَّمَ
(2) فاروقِ اعظم ۽ معاف ڪرڻ جي عادت
پيارا اسلامي ڀائرو! آيتِ ڪريمه ۾ حضرت فاروقِ اعظم رَضِىَ اللهُ عَنْهُ کي حڪم ڏنو ويو ته پاڻ معاف ڪرڻ جي عادت اپنائين.
سُبْحٰنَ اللہ! جڏهن ربِ ڪريم حڪم ڏنو ته حضرت فاروقِ اعظم رَضِىَ اللهُ عَنْهُ هٿوهٿ ئي ان پياري صفت کي اپنائي ورتو.
BOOK TOPIC
©Copyright 2026 by I.T. Department of Dawat-e-Islami