Share this link via
Personality Websites!
فضول شاعري ته ڪرڻي ئي نه آهي، حمد لکڻي آهي، نعت لکڻي آهي يا منقبت لکڻي آهي اُها لکجي وئي هاڻي ان کي چيڪ به ڪرائڻو آهي، ڪنهن سٺي ۽ ماهر دارالافتاء ۾ موجود عاشقِ رسول مفتي صاحب کان ضرور جاچ ڪرائڻ گهرجي. الحمد لله! شيخِ طريقت، اميرِ اهلِ سنت دَامَتْ بَرَكَاتُهُمُ الْعَالِيَه جو اهو بهترين معمول آهي. پاڻ نهايت باڪمال شاعر آهن، پاڻ صرف ۽ صرف ديني شاعري ئي ڪندا آهن ۽ مَاشَآءَ اللہ! پاڻ بهترين ۽ ماهر عالمِ دين به آهن. دين جي نازڪ ڳالهين کي نهايت گهرائي سان سمجهندا آهن، ان جي باوجود سندن تقويٰ جو اِهو عالَم آهي جو پنهنجو هڪ هڪ شعر باقاعده مفتي صاحب کان چيڪ ڪرائيندا آهن.
جيڪي به شاعري ڪندا آهن، يا شعر ٻڌندا آهن، يا شعر ياد ڪندا آهن، انهن کي به هي انداز اختيار ڪرڻ گهرجي. الله پاڪ اسان کي عمل ڪرڻ جي توفيق عطا فرمائي.
اٰمِیْنْ بِجَاہِ خاتَمِ النَّبِیّٖن صلَّی اللہُ عَلَیْہ ِوَاٰلِہٖ وَسَلَّمَ
فاروقِ اعظم رَضِیَ اللہُ عنہ جو مختصر تعارف
پيارا اسلامي ڀائرو! اَلحمدُ للہ! نئون اسلامي سال عنقريب شروع ٿيڻ وارو آهي. اسلامي سال جو پهريون مهينو محرم الحرام جلد ئي تشريف کڻي ايندو ۽ هن مهيني جي پهرين تاريخ تي مسلمانن جي ٻئي خليفي حضرت عمر فاروقِ اعظم رَضِيَ اللهُ عَنه جو يومِ شهادت آهي * حضرت عمر فاروقِ اعظم رَضِيَ اللهُ عَنه تمام بلند مرتبي وارا صحابي آهن * دنيا ۾ سندن نالو مبارڪ نالو عُمَر آهي * آسمانن ۾ کين فاروق جي نالي سان سڃاتو ويندو آهي * آسماني ڪتاب توريت شريف ۾ سندن نالو مَنْطِقُ الْحَقْ (يعني حق جي ڳالهه ڪرڻ وارو) آهي
BOOK TOPIC
©Copyright 2026 by I.T. Department of Dawat-e-Islami